ملڪ ۾ هڪ سازش تحت فرقيواريت ڦهلائي پئي وڃي، مذمت ڪيون ٿا: مولانا اسد شر

مقصودورند (ن ع آ) ملڪ ۾ هڪ سازش تحت فرقيواريت ڦهلائي پئي وڃي اسان فرقيواريت جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا. اهڙو اظهار شيعه علماءَ ڪائونسل صوبي سنڌ جي مرڪزي اڳواڻ مولانا اسد شر غازي عباس ڪالوني ۾  مقصودورند ۾ امام زين العابدين جي شھادت جي سلسلي ۾ 12 سالياني مجلس عزا کان اڳ پريس ڪانفرنس ڪندي صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو.. بعد ۾ مولانا اسد شر مقصودورند ۾ غازي عباس برادران حاجي غازي خان رند ۔زوار غلام عباس رند ۔سيٺ ڦوٽو خان رند ۔زوار طالب حسين رند ۔وقار علي رند ۔واجد علي رند پاران امام زين العابدين جي شھادت جي سلسلي ۾  سالياني 12 قديمي  مجلس عزا غازي عباس ڪالوني ۾ منقعد ڪئي وئي مجلس عزا کي ناليوارا عالم ۽ ذاڪرن  جنهن ۾ علامه ظھيرالحسن آفاقي۔ علامه عمران عباس ڪاظمي۔ علامه سائين بخش مناظري۔ علامه اسد علي شر علامه رياض حسين نجفي۔ علامه سيد ضياء عباس شاه۔ علامه منظورحسين سولنگي۔ علامه قاري خيرمحمد۔  علامه مدد علي ملاح ذاڪر  اهلبيت امداد آصي سميت ٻين مقامي ذاڪرن  سيد مهدي شاھ ڪاظمي ۔مولوي مدد علي سعيدي۔مولوي سينگار حسين رند خطاب ڪيو ۽ ڪربلا جي شهيدن ۽ امام زين العابدين عليه سلام جي زندگي تي روشني وڌي  مجلس عزا بعد  عزاداري  ڪئي وئي جنهن ۾ پاڪستان جا مشھور نوحه خوان استاد ڪمن حاجاڻو۔ سيد رضا عباس شاه۔ انجمن سجاديه مقصودورند نوحه خواني ڪئي جڏهن ته آخر ۾ ننگر نياز تقسيم ڪيو ويو ان موقعي تي پوليس ۽ وحدت اسڪائوٽس پاران سڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا هئا.

ڀٽ شاهه ۾ حضرت امام سجاد عه جي شهادت سلسلي ۾ ماتمي جلوس برآمد

ڀٽ شاهه (ڊ ر)ڀٽ شاهه بيمار ڪربلا جي شهادت جي سلسلي ۾ انجمن غلامان اهلبيت جي مرڪزي امام بارگاه تان سيد گدا حسين شاه سيد فدا حسين شاه سيد نادعلي شاهه سيد جرار شاهه جڏهن ٻئي پاسي انجمن شيعان حيدر ڪرار خندق ڪميٽي جي امام بارگاه تان سيد فقير علي شاه سيد بچل شاه سيد فرحاد عباس شاه سيد احسن عباس شاه سيد پرويز عباس جي اڳواڻي ۾ ماتمي جلوس برآمد ڪيو ويو جيڪو سيد فيض عباس جي حويلي تان سيد سجاد جو تابوت برآمدڪري اتان کان  ٿيندو ڪربلا معليٰ امام بارگاهه تي پهتو جتي شھر جي مرڪزي انجمنن کان علاوه آس پاس جي علائقن مان مختلف انجمنن سميت عزادارن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي  ان موقعي تي عزادارن نوحن تي سينا زني ۽ زنجيرن جو ماتم پڻ ڪيو .جڏهن شهرجي مختلف چؤنڪن تي معصوم علي اصغر جي يا ۾ ٿڌي ۽ شربت جون مٺيون سبيلون پڻ لڳايون ويون  مرڪزي ماتمي جلوس شهر جي مختلف روڊن رستن تان ٿيندو درگاهه حضرت شاه عبداللطيف ڀٽائي تي پهتو جتان کانپوء ماتمي جلوس انجمن غلامان اهلبيتجي امام بارگاه تي پهتو جتي قافلو نهر ڪيو جڏهن ماتمي جلوس ۾ سيجن تابوتن تعزين سميت علم پاڪ ۽ ذوالجناح وڏي تعداد ۾ برآمد ڪياويا

استادن جي حقن تي ڌاڙو هنيو، ناانصافيون ڪيون ويون: درياخان بروهي

ڳڙھي خيرو (ن ع آ) ڳڙھي خيرو ۾ پ ٽ الف جي اڳواڻن "مرحوم استاد الله رکيو پينل” جي اميدوارن جي محمد نواز عمراڻي جي جاءِ تي پريس ڪانفرنس، جنهن ۾ اميدوارن جو اعلان ڪيو ويو, پ ٽ الف ڳڙھي خيرو جي صدارتي اميدوار لاءِ دريا خان بروھي، سينيئر نائب صدر محمد خان ميرالي، جنرل سيڪريٽري علي حسن چاچڙ، مالياتي سيڪريٽري عمران علي رند،پريس سيڪريٽري برڪت علي بروھي، آفيس سيڪريٽري لاءِ منير احمد عمراڻي کي منعقد ڪيو ويو، ان موقعي تي مرحوم استاد الله رکيو عمراڻي پينل جي صدارتي اميدوار دريا خان بروھي ڪانفرس کي خطاب ڪندي چيو ته استادن جي حقن تي داڙو ھنيو ويو،

استادن سان نا انصافي ڪيون ويون ۽ ھڪ مخصوص ٽولي پ ٽ الف جي باني مرحوم استاد الله رکيو عمراڻي جي پينل  کي به ذاتي مفادن خاطر نذر انداز ڪيو ويو، جنهن جون پ ٽ الف لاءِ عظيم قربانيون آهن

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.