فنڪارن ۽ سازندن جي ترقي لاءِ سوشل ذهنيت کي هٿي وٺرائڻ جي ضرورت آهي: عبدالغفور سومرو

خيرپور ( ڊ ر) آل سنڌ سنگيتڪار ايسوسئيشن (آسا) جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جو اجلاس آسا مرڪزي چيئرمين اُستاد عبدالغفور سومرو جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ سينئر وائيس چيئرمين عاشق نظاماڻي ۽ جنرل سيڪريٽري اعجاز سولنگي سميت ايگزيڪيوٽو ڪميٽي ميمبرن ۽ ٻين عهديدارن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ فقير برڪت، دلشر تيوڻو، صائمه منظور، رخسانه سورٺ، شريف عباسي، عبدالرئوف مگسي ۽ ٻيا پڻ شريڪ ٿيا. اجلاس ۾ سمورن ضلعي صدرن ۽ عهديدارن تي زور ڀريو ويو ته آسا کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ماهوار فيس ۽ فنڊنگ کي يقيني بڻائين،.ان موقعي تي حسن پنهيار جي استعيفا سبب خالي ٿيل جوائنٽ سيڪريٽري جي سيٽ تي متفقه طور تي آسا حيدرآباد ڊويزن جي اڳواڻ برڪت وڌو کي چونڊيو ويو. آسا چيئرمين استاد عبدالغفور سومرو خطاب ۾ چيو ته فنڪارن ۽ سازندن جي ڀلائي ۽ ترقي لاءِ سوشل ذهنيت کي هٿي وٺرائڻ جي ضرورت آهي ۽ گڏيل مقصد لاءِ سڀني کي پنهنجا ذهن تيار ڪري فنڊنگ لاءِ تيار ڪرڻو پوندو. هن چيو ته آسا جي ماليات واري شعبي کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ ڪوششون وٺڻيون پونديون، ناليوارن فنڪارن جو به سهڪار حاصل ڪيو ويندو ته جيئن وڌ کان وڌ فنڊ گڏ ٿي سگهن، ثقافت کاتي پاران آسا جي پليٽ فارم ذريعي فنڪارن جي ڀرپور فلاح ۽ بهبود لاءِ اميد ظاهر ڪئي وئي آهي، اسان کي اميد آهي ته ثقافت کاتو اداري سان سهڪار جاري رکندو. آسا جي سينئر وائيس چيئرمين عاشق نظاماڻي سمورن فنڪارن کي آسا سان ويجهڙائي ۽ ڪاز سمجهي اڳتي وڌڻو پوندو، آسا جي زنجير جي هر ڪڙيءَ کي مضبوط ڪرڻو پوندو. هن وڌيڪ چيو ته ويب ٽي وي ۽ نيوز پيپر سان گڏوگڏ آسا ڪارڪردگي جي حوالي سان هڪ ميگزين به شايع ڪرڻ گهرجي جيڪو هر لائبرري ۾ ڏنو وڃي. فنڪار ٻارڙن کي بهتر مستقبل ڏيارڻ لاءِ تعليم ۽ سکيا طرف راغب ڪن ۽ منشيات توڙي ٻين براين کان پاسو ڪن ا. اجلاس ۾ سي اي سي ميمبرن، مرڪزي عهديدارن اعجاز سولنگي، غلام رباني چانڊيو، شريف عباسي، سيد آفتاب شاهه، الطاف کچي، ضلعي اڳواڻن ۽ فنڪارن شاهنواز سولنگي، عنايت ٻرڙو، رخسانه سورٺ، سالار سنڌي، بهادر فقير، اقبال رضا، ستار عابد، سڄڻ ماهري، رياض عباسي، گلزار تنيو، پيربخش چانڊيو، محمد سومر راهو ۽ ٻين به خطاب ڪيو .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.