پي ٽي آءِ اڳواڻن جي لاڙڪاڻي لڳ قتل ٿيل ٻن ڄڻن جي وارثن سان تعزيت

لاڙڪاڻو(ڊ ر) پاڪستان تحريڪ انصاف سنڌ جي اڳوڻي نائب صدر ۽ اڳوڻي صوبائي وزير صحت ڊاڪٽر روشن علي پيچوهو، ارشاد خان جوڻيجو ۽ سڪندر علي ڪلهوڙو ڪالهه لاڙڪاڻي لڳ ڳوٺ ميتلا ۾ قتل ٿي ويل مجاهد حسين ميتلو ۽ بشير احمد بروهي جي نياڻيءَ جي وارثن محمد بخش ميتلو ۽ بشير احمد بروهي سان سندن تڏي تي پهچي تعزيت ڪئي. ان موقعي تي بيدرديءَ سان قتل ٿي ويلن جي وارثن اڳواڻن کي ٻڌايو ته نئون ديرو پوليس قاتلن کي گرفتار ڪرڻ بجاءِ سياسي وانگار وهندي انهن کي کلي ڇوٽ ڏئي ڇڏي آهي. جيڪي هن وقت به مورچابند آهن ۽ وقفي وقفي سان فائرنگ ڪري حراسان ڪري رهيا آهن. هنن چيو ته اسان جي نياڻيءَ جي قتل بعد پوليس ڪو به ايڪشن نه کنيو جنهن جي نتيجي ۾ جوابدارن تعزيت لاءِ ايندڙ مجاهد حسين ميتلو کي به بيدرديءَ سان قتل ڪري ڇڏيو، جيڪڏهن پوليس بروقت ڪارروائي ڪري ها ته وڌيڪ جاني نقصان نه ٿئي ها. مقتولن جي وارثن سنڌ جي وڏي وزير، گورنر سنڌ، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو سميت پوليس جي اعليٰ عملدارن کي اپيل ڪئي ته اسان جي ڪيسن ۾ گهربل جوابدار گرفتار ڪري وڌيڪ خونريزي ٿيڻ کان بچايو وڃي ۽ اسان کي تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.