عرضي ڀٽو ۾ پي ٽي آءِ جي گڏجاڻي، اليڪشن بابت تياريون

سجاول جوڻيجو ( ت ر )بلدياتي نظام جو مدو پورو ٿيڻ بعد ايندڙ بلدياتي اليڪشن ۾ حصو وٺڻ جي لاءِ  مختلف پارٽين طرفان ھاڻي کان ئي سرگرميون شروع ڪيون ويون آھن، ان سلسلي ۾ سجاول جوڻيجو ڀرسان عرضي ڀٽو ۾ پي ٽي آء اڳواڻ محمد صالح ڀٽو جي رھائشگاھ تي سندس جي زير نگراني ۾ اجلاس ٿي گذريو جنھن ۾ شھر جي مختلف برادرين جي معززن امداد علي ڀٽو محمد شريف ڀٽو حاجن لانگاھ شعبان لانگاھ نورحسين چانڊيو اصغر منگي مجيب ڪوري اختيار ڀٽو بشير ڀٽو پ پ شھيد ڀٽو اڳواڻ مختيار ڀٽو ۽ ٻين شرڪت ڪئي ان موقعي تي ڪوٺايل اجلاس کي خطاب ڪندي پي ٽي آء اڳواڻ محمد صالح ڀٽو امداد ڀٽو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو تـ يوسي عرضي ڀٽو سميت سجاول جوڻيجو تعلقي جي ڇھن يوسيز اندر پ پ جي چونڊيل چيئرمينن ڪو بـ ٻوٽو نـ ٻاريو، ھنن چيو تـ ايندڙ بلدياتي اليڪشن ۾ پ پ کان علاوا ٻين پارٽين سان گڏجي پنھنجا اميدوار بيھاريا ويندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.