پني عاقل جا روڊ ٽٽي تباهه، مسافر پريشان، روڊس کاتو تماشائي

پنوعاقل (رپورٽ: نور محمد سومرو) سکر ضلعي جي وڏي آبادي واري تعلقي پني عاقل جا روڊ رستا ورھين کان تباھ، لکين ماڻھو اذيتون ڀوڳڻ لڳا، چونڊيل نمائندن جا اعلان اڌورا، ڪاغذي ڪاررواين ۾ 2 2 ڀيرا روڊ رستا ٺھيل ڏيکاري ڪروڙين رپيا ھڙپ، عوام طرفان سرڪار کان تعلقي جا مڙئي روڊ رستا ٺاھڻ جو مطالبو، خبر موجب سکر ضلعي جي 4 لک آبادي واري تعلقي پني عاقل جا سمورا روڊ رستا 15 ورھين کان مڪمل طور تي تباھي جا منظر پيش ڪري رھيا آھن، جنھن سبب ويچارو عوام اذيتون ڀوڳڻ تي مجبور بڻيل آھي، کنڊرات ٿيل روڊن تي منٽن جو سفر ڪلاڪن ۾ طئي ٿيڻ ڪري عوام سورن ۾ پئجي ويو آھي، گڏيل ڄاڻ موجب تعلقي پني عاقل جي وڏي شھرن توڙي ڳوٺن ٺڪراٺو، سانگي، سلطانپور، روپھر، مبارڪپور، جلال ڳوٺ، چيچڙو، جمعو ڀٽو، دفر، ڪچو سومرا پنھواري، ڳڙي، چونگھا، ڪوٽ بلا، حسين ڪلوڙ، باغ پئي، نرڇ، ھنڱورو، ڪوٺو، سعيد علي، ڊرٻ، تلي سميت کي پاڻ ۾ ملائيندڙ سوين روڊ ڪاغذي ڪاررواين ۾ 2 2 ڀيرا ٺاھي مڪمل ڄاڻائي روڊس کاتي جا عملدار چونڊيل نمائندا ۽ ضلعي انتظاميا طرفان مبينا ڪروڙين رپيا ھڙپ ٿيڻ جا اطلاع پڻ مليا آھن، ان سلسلي ۾ ھتان جي شھرين توڙي ڳوٺاڻن ميان فضل الله سومرو، صابر اعواڻ، رضيا عباسي، شاھد سوھو، ڪامريڊ مجيب ڀٽو، شاھد سومرو، عبدالرزاق ڪلھوڙو، عبدالغني سومرو، شاھنواز ڪلھوڙو، برادي منگي، اصغر سمون، حاجي عبدالحق مھتم، مجيد سمائر، خليل ملڪ، محمد ياسين انڍڙ، ڪامريڊ عبدالرحمان چاچڙ ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو آھي ته اسانجي تعلقي پني عاقل جو عوام ھر اليڪشن ۾ پ پ جي اميدوارن کي ڪامياب ڪندو آھي پر ان باوجود اسانجي علائقن جا روڊ رستا 15 ورھين کان ناھن ٺھي سگھيا، جنھن سبب منٽن جو سفر ڪلاڪن  ۾ طئي ٿئي ٿو، ھنن چيو ته جيڪڏھن ڪو مريض ايمرجنسي واري حالت ۾ کڻي شھر طرف وڃون ٿا ته رستن ۾ ئي فوتگون  ٿي وڃن ٿيون، وڏي اذيت ڀوڳي رھيا آھيون، ھنن چيو ته ورھين کان روڊن جي تعمير لاءِ دانھون ۽ ڪوڪون ڪري رھيا آھيون پر ڪو ٻڌڻ لاءِ تيار ناھي، ھنن پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاھ، خورشيد شاھ ۽ ڄام اڪرام الله ڌاريجو کان مطالبو ڪيو آھي ته نوٽيس وٺي وڏي آبادي واري تعلقي جا سمورا روڊ رستا ٺاھي ڏئي تڪلييفن کان بچايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.