سنگرار جي آبادگارن جو آبپاشي عملدارن خلاف احتجاج

سکر (رپورٽر)  سنگرار جي علائقي ڳوٺ ترور جي رھواسن آبادگارن سنگرار مائينر جي آبپاشي کاتي جي عملدارن جي ناجائزين  خلاف  پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪندڙ عطا حسين شاه, امجد علي شاه, راشد علي شاه ۽ امبر عباس شاه دانهون ڪندي چيو ته گذريل 40 سالن کان شيئر لسٽ موجب سنگرار مائنر مان زرعي پاڻي استعمال ڪري پنهنجون زمينون آباد ڪندا آھيون پر هاڻي آبپاشي عملدارن محمد علي زرداري ۽ رحيم بخش سومرو بااثر ماڻهن کان رشوت وٺي پراڻي لسٽ ختم ڪري هاڻي نيون لسٽيون ٺاهيون آھن جنهن ۾ اسان جي حصي جو پاڻي ختم ڪيو ويو آھي.  پاڻي نه ملڻ جي ڪري اسان جو پوکيل فصل ووئڻن, ليما , کجيون سڙي تباه ٿي ويا آھن آبادگارن وس وارن کان مطالبو ڪيو آھي ته اسان کي منظور ٿيل پراڻي شيئر لسٽ مطابق پاڻي ڏنو وڃي ته جيئن پوکيل فصل کي بچائي سگهجي . آبادگارن چتاه ڏيندي چيو آهي ته جيڪڏهن اسان جو منظور ٿيل زرعي پاڻي شيئر لسٽ مطابق نه ڏنو ويو ته مجبورن احتجاجي دائرو وڌايو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.