بهارو لڳ ڪچي مان کاڌ خوراڪ جي سامان لاءِ ايندڙ پيرسن ٻڏي ويو

بهارو/ راضيديرو  ( نمائندن وٽان ) بهارو جي ڪچي واري ڳوٺ عبدالله جوڌ جو رهواسي 58 سالن جو پيرسن مير محمد جوڌ ڪچي کان پڪي  طرف ٻوڏ جي پاڻيءَ مان اچي رهيو هو ته بھارو بچاءُ بند جي ڀرسان تيز وهڪري جي ور چڙهي لڙھي ويو، بچاءُ بند تي بيٺل ماڻهن کيس ٻاھر ڪڍي ورتو مگر مقامي ڊاڪٽرن پاران سندس فوتگيء جي تصديق ڪئي وئي، جنھن بعد نجي ٻيڙيءَ ذريعي فوتي جو لاش ڳوٺ ڏانهن نيو ويو، لاش گهر پهچڻ تي گهر ۾ قھرام مچي ويو، جنهن تي مڇريل ماڻهن انتظاميا خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڇٽي نعري بازي پڻ ڪئي.  مظاھرين جو چوڻ هو ته انتظاميا پاران ٻوڏ ۾ ڦاٿل ماڻهن کي ٻاهر ڪڍڻ لاءِ ڪي به انتظام ناھن ڪيا ويا ۽ نه ئي ڦاٿل ٻوڏ متاثرين جي کاڌ خوراڪ ۽ علاج لاءِ ڪي انتظام ڪيا ويا آهن، جڏھن ته پيرسن مير محمد پڻ کاڌ خوراڪ جو سامان ۽ دوا وٺڻ لاءِ شھر اچي رھيو ھو ته ٻڏي فوت ٿي ويو.ان موقعي تي مظاھرين انتظاميا کان گهر ڪندي چيو ته جلد ٻوڏ ۾ ڦاٿل ماڻهن کي ٻاهر ڪڍي کاڌ خوراڪ ۽ علاج جو بندوبست ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.