ٺيڙهي ۾ واپاري جو پٽ ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت

خيرپور ( س ر )  خيرپور ڀرسان ٺيڙهي ۾ڪپڙي جو واپاري سهيل احمد پٽ ضياءُ الله  ميمڻ بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو، ان سلسلي ۾ فوتي جي وارثن جو چوڻ آهي ته نوجوان واپاري سهيل احمد ميمڻ پنهنجي گهر ۾ نئين جڳهه تعمير ڪرائي رهيو ۽ جڳهه ۾ اندر ڪم ڪري رهيو ته بجلي مان اوچتو ڪرنٽ لڳو،جنهن جي نتيجي ۾ هو ٿڏي تي فوت ٿي ويو، جنهن بعد سندس ۾ گهر ۾ ڪهرام مچي ويو، بعد ۾ مرحوم جي جنازي نماز ادا ڪئي ويئي،جنهن ۾ واپارين، شهرين، سياسي سماجي،مذهبي اڳواڻن مٽن مائٽن، دوستن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي،مرحوم کي آلين اکين سان مٽيءَ ماءُ جي حوالي ڪيو ويو، جڏهن ته پوئيرن سان تعزيت جو سلسلو جاري آهي.

حيدرآباد ۾ ڪچري جي ڍير تان تازي ڄاول ٻار جو لاش هٿ، غسل ڪفن بعد مٽي ماءُ حوالي

حيدرآباد (رپورٽر)حيدرآباد جي مک ڪاروباري علائقي فقير جي پڙ مان ڪچري جي ڍير تي شاپر ۾ پيل تازي ڄاول ٻار جو لاش پيل ڏسي علائقي واسين پوليس کي اطلاع ڏنو. پوليس پهچي لاش تحويل ۾ ورتو ۽ ايڌي رضاڪارن حوالي ڪري ڇڏيو. ايڌي رضاڪارن غسل ڪفن بعد لاش مقامي قبرستان ۾ دفنائي ڇڏيو آهي. علائقي واسين جو چوڻ آهي ته غير شادي شده عورت پنهنجو گناهه لڪائڻ خاطر شاپر ۾ وجهي معصوم ٻار جو لاش ڪچري جي ڍير تي اڇلائي فرار ٿي وئي.17

ڪڪڙ لڳ قبراڻي برادري جي ٻن  ڌرين ۾ جهيڙو، ٽن عورتن سميت 8 ڄڻا زخمي

ڪڪڙ (ن ع آ )  ڪڪڙ ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڀائي خان ملاح ۾ قمبراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ گھرن ۾ ٻارن پاران پٿراءُ ڪرڻ تان جھيڙو ٿي پيو،  ڪھاڙيون ۽ ڏنڊا لڳڻ ڪري ٽن عورتن ۽ پنج مردن سميت اٺ ڄڻا زخمي ٿي پيا زخمين ۾ مسمات حاجران، مسمات شبيران قمبراڻي، مسمات  شمشاد خاتون قمبراڻي، غلام نبي،  شاھد، زاھد، سليمان، راشد قمبراڻي شامل آھن زخمي ٻئي ڌريون زخمي حالت ۾ ڪڪڙ ٿاڻي تي پھتون جتي ڊي ايس پي ڪي اين شاھ پير بخش چانڊيو ڪڪڙ ٿاڻي تي پھتو جتي زخمي مرد توڙي عورتون زخمي حالت ۾ علاج لاءِ تڙپندا رھيا پر ڊي ايس پي ڪي اين شاھ پير بخش چانڊيو کي ڪو ب رحم ن آيو .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.