سنڌ ۾ بي گهر ٿيل ماڻهن کي گهر ڪير ڏيندو؟

عامر خان مهيسر

 

شاندار تهذيب، امن، ڀائيچاري، رواداري، سهپ، پيار، پريت ۽ فخر لائق ريتن، رسمن، رواجن جي مالڪ ۽ خوشحال سنڌ جا حقيقي مالڪ سنڌي ماڻهو حڪومتي نااھلي، بدانتظامي، خراب حڪمراني، ڪرپشن ۽ لوڀ لالچ سبب انتهائي غربت، مسڪيني، ڪسمپرسي ۽ لاچاري واري صورتحال کي منهن ڏئي رھيا آھن.

 

ھر نئون اڀرندڙ سج عام مسڪين، غريب، پورھيت ماڻهن لاءِ ھر روز نيون مصيبتون ۽ مشڪلاتون کنيو پيو اچي، جنهن ڪري ماڻهن جي اھنجن ۽ دردن ۾ گهٽتائي اچڻ بجاءِ ڏينهون ڏينهن واڌارو ٿي رھيو آھي. پر عوام جي ووٽن سان اقتدار جا مزا ماڻيندڙ جمهوريت جي دعويدار حڪمرانن کي عوامي مسئلن، تڪليفن ۽ پريشانين جو ذري برابر به اونو ۽ ڳڻتي ڪونهي، ڇاڪاڻ ته حڪمران پاڻ کي عوام آڏو ھڪ سيڪنڊ لاءِ به ذميوار سمجهڻ لاءِ ڪنهن به صورت ۾ تيار نظر ڪونه ٿا اچن،

ھڪ طرف فيبروري مهيني جي آخر ۾ سال 2019ع کان سنڌ سميت سموري ملڪ ۾ ايندڙ عالمي وبا ڪورونا وائرس جي ڪري جتي سڄي ملڪ ۾ ڪرفيو لاڳو هيو ۽ سنڌ جو غريب، پورھيت ۽ مسڪين ماڻهو مزدوري نه هجڻ ڪري پنهنجن پنهنجن گهرن تائين محدود ٿي بکون ڪاٽڻ لڳا، پر غريبن، مسڪينن جي ووٽن تي اسيمبلين ۾ ويٺل چونڊيل نمائندن انهن پورھيت، غريب، مسڪين ماڻهن جي ڪابه سار نه لڌي، ماڻهن کي هڪ هڪ صابڻ کانسواءِ ڪجهه به نه ڏئي سگهيا، اُتي سموري سنڌ ۾ سماجي اڳواڻن پنهنجن ماروئڙن کي ان ڏکي گهڙيءَ ۾ اڪيلو ڪين ڇڏيو ۽ پنهنجي وت ۽ وس آھر راشن پهچائيندا رھيا ۽ انهن کي اڪيلائپ ھجڻ جو احساس نه ڏياريو ان ڏکي گهڙيءَ مان سنڌ جي ماڻهن جيئن تيئن واري چوڻي وانگر زندگي کي گذاريو پئي ۽ بکن ۾ پاهه ٿيندي به ڪنهن کي ڪا ميار نه ڏني، ڪورونا وائرس ھجڻ دوران عيدون به آيون ۽ ماڻهن عيدون به تمام گهڻي سادگيءَ ۾ گذاريون،

ھاڻي وري تازو آيل برساتن سبب سنڌ ۾ جيڪا تباھي آئي آھي اُھا ڪنهن کان لڪل ناھي ان تباھيء ھزارين خاندانن کي پنهنجي پنهنجي گهرن کان بي گهر ڪري ڇڏيو آھي جيڪي پنهنجن پيارن، معصوم، گلڙن جهڙن ٻارڙن وڏن ۽ عورتن سميت کليل آسمان ھيٺ ھن گرم ڏينهن ۽ رات جو وڏن مڇرن ۾ سورن واري زندگي بسر ڪري رھيا آھن،

ھڪ مشهور چوڻي آھي ته ”ھنڌ اھو سڙي جاتي باھ ٻري“

اھا انهن مسڪينن ماروئڙن کي خبر ھوندي ته گهر کان بي گهر ڪيئن ٿبو آھي، باقي جهڙي طريقي سان انهن ھزارين خاندانن جو مذاق اڏايو ٿو وڃي، انهيءَ عمل تي افسوس ئي ڪري سگهجي ٿو، انهن غريبن، مسڪينن، ماروئڙن جي ڏکن، دردن وارن ڦٽن تي لوڻ ٻرڪيو وڃي ٿو، انهيءَ عمل کي سنڌ جو پڙھيل لکيل ۽ باشعور فرد چڱي طرح ڄاڻي ۽ سمجهي ٿو، سنڌ ڪراچيءَ کان ڪشمور، ڪينجهر کان ڪارونجهر تائين ھن ملڪ کي ھلائڻ لاءِ 72 کان 75 سيڪڙو روينيو مهيا ڪري رھيو آھي جنهن مان سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن کي اٽي ۾ لوڻ برابر به ٽيڪس نه ٿي ڏني وڃي،

دنيا جي ملڪن ۾ آباديءَ جي بنياد تي ناڻو بلڪل به ناھي ورھايو ويندو ۽ ھتي ھن ملڪ ۾ آباديءَ جي بنياد تي ناڻي جي ورھاست ڪري سنڌ جي ناڻي کي ٻنهي ھٿن سان لٽي ۽ ڦري سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪيو پيو وڃي، اھڙي عمل خلاف سڄي سنڌ ۾ سنڌ جو باشعور فرد وفاق خلاف سخت احتجاج به ڪندو ٿو اچي پر ھتي ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان سنڌ جي وسيلن کي ٻنهي ھٿن سان ڦريو ۽ لٽيو وڃي ٿو، مون سميت سنڌ جي ھر نوجوانن جي ذھن ۾ اھو ھو ته ارڙھين ترميم کان پوءِ سنڌ جا وسيلا سنڌ جي حوالي ھوندا ۽ وفاق ھاڻي انهن ۾ ھٿ چراند نه ڪندو پر ارڙھين ترميم جي باوجود سنڌ کي وفاق پنهنجا حق نه ڏئي رھيو آھي ۽ پيپلزپارٽي روايتي انداز برقرار رکندي ميڊيا اڳيان کوکلا ۽ ٺلها بيان ڏيڻ ۾ رُڌل آھي،

سنڌ ۾ برساتن سبب جيڪا تباھي آئي ۽ ھزارين خاندان بي گهر ڇت جي کليل آسمان ھيٺان زندگي گذاري رھيا آھن انهن جا صحيح انگ، اکر ھن وقت تائين نه وفاقي سرڪار گڏ ڪري سگهي آھي ۽ نه ئي وري سنڌ حڪومت ان موڊ ۾ نظر اچي رھي آھي، وفاقي سرڪار طرفان سنڌ ۾ بي گهر ٿيلن جي لاءِ اڃان تائين مالي مدد ڪرڻ جو ڪو به اعلان ناھي ڪيو ويو، پي ٽي آءِ حڪومت جي اھڙي عمل تي افسوس آھي، سنڌ ۾ ٻارھن ورھين کان مسلسل حڪومت ڪندڙ پيپلزپارٽي جا اڳواڻ چون ٿا سنڌ جي وفاق مدد نه ٿو ڪري اسان ڪٿان ڪريون، سنڌي ماڻهن جا ووٽ پيپلزپارٽيءَ کي کپن باقي سنڌ جي ماڻهن لاءِ ھنن وٽ ڏکن، دردن، تڪليفن جي وقت ڪجهھ ناھي، ھيءُ سنڌين جي ووٽن تي عياشيون ڪن ٿا، باقي متاثرن کي ھن ڏکي گهڙيءَ ۾ کاڌ خوراڪ، تنبو، ٽينٽ نه ٿا ڏئي سگهن، سنڌي ماڻهو تعليم، صحت، روزگار لاءِ سالن کان وٺي پريشان آھن پر سنڌ جي ماڻهن کان ڪوبه ڏک، درد، تڪليف ڀڇڻ وارو ناھي، سنڌ سموري سور لڳي پئي آھي جنهن جي ڪري سنڌ ۾ ھر نئين اڀرندڙ سج سان ڪا نه ڪا نئين ڪهاڻي ٻڌڻ ۽ پڙھڻ ۾ پئي اچي،

سنڌي ماڻهو گذريل پنجاھ ورھين کان غيرمشروط طور تي پيپلزپارٽيءَ کي ووٽ ڏيندا رھيا آھن. پر، بدقسمتيءَ سان اعليٰ طبقي جي مخصوص خاندانن کان سواءِ عام ماڻهن جي زندگين ۾ ڪا به بنيادي تبديلي يا خوشحالي ناھي اچي سگهي، پيپلزپارٽيءَ جي گذريل ٻارھن ورھين کان بغير وقفي جي جاري رھندڙ حڪومت سنڌي ماڻهن جي اجتماعي قومي وسيلن ۽ گذر معاش جي ذريعن جي بچاءَ ۽ مالڪي ڪرڻ بجاءِ پنهنجي اقتدار کي بچائڻ لاءِ ھر وقت سوديبازي ڪرڻ لاءِ تياري، ڪندي رھي آھي. جنهن ڪري سنڌي ماڻهن جي پيرن ھيٺان تيزيءَ سان زمين کسڪندي پئي وڃي، سنڌي ماڻهن کي ھاڻي سجاڳ ٿيڻو پوندو، جيڪڏھن اڃان به سجاڳ نه ٿيا ته پوءِ موجودھ صورتحال کان به وڌيڪ سنڌ جون حالتون خراب ٿي وينديون ۽ سنڌي ماڻهو بدترين زندگي گذارڻ تي مجبور ٿي ويندو.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.