حيدرآباد ۾ عورت وڪيل تشدد بعد گهٽا ڏئي قتل، مڙس گرفتار، ڪيس داخل

حيدرآباد ( رپورٽر)  حيدرآباد جي پريٽ آباد واري علائقي ۾ 35 سالن جي وڪيلياڻي صوبيه زال عامر مارواڙي جو پنهنجي ئي گهر مان تشدد ٿيل لاش مليو. اطلاع تي پڃاري ٿاڻي جي پوليس پهچي لاش تحويل ۾  ورتو ۽ پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو ۽ پوسٽ مارٽم بعد پوليس وڪيل عورت جو لاش وارثن حوالي ڪري ڇڏيو. ٻڌايو پيو وڃي ته ايڊووڪيٽ صوبيه پنهنجي ٽن ٻارن سان گڏ مڙس عامر مارواڙي سان گڏ گهر ۾ رهندي هئي،  جتي رات دير سان هن جو سندس مڙس سان جهيڙو ٿيو ۽ بعد ۾ سندس تشدد ٿيل لاش مليو. ابتدائي طور تي پڃاري ٿاڻي جي پوليس جو چوڻ آهي ته وڪيل عورت جي ڀيڻ ايڊووڪيٽ سميرا ۽ ڀاءُ حيدر علي پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرايو آهي ، جنهن ۾ هنن واقعي کي قتل قرار ڏيندي سندس مڙس عامر مارواڙي تي الزام هنيا آهن ته هن رات دير سان تشدد بعد کيس گهٽا ڏئي بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو آهي. پوليس قتل جي شڪ ۾ سندس مڙس عامر مارواڙي کي گرفتار ڪري کانئس پڇا ڳاڇا شروع ڪري ڇڏي آهي. پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته صوبيه جي مڙس عامر پوليس وٽ به بيان ڏنو آهي ته هن پنهنجي زال کي گهٽا ڏئي قتل ڪيو آهي. ايڊووڪيٽ صوبيه جي پراسرار موت سبب هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن ۽ ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن جي سڏ تي وڪيلن ماتحت عدالتن ۾ سوڳ سبب عدالتي ڪارروايون معطل رکيون. ايڊووڪيٽ روشن ملاح ٻڌايو ته مقتولا ايڊووڪيٽ تمام ذهين هئي ۽ هو سول جج ٿيڻ پئي چاهيو. 17

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.