ٽنڊي الهيار ۾ عطائي ڊاڪٽر ڪلينڪ اندرقتل، وارثن جو لاش رکي ڌرڻو

ٽنڊوالهيار ( رپورٽ : خميسو دائوداڻي )  ٽنڊوالهيار ۾اڻڄاتل جوابدار ڪلينڪ تي ويٺل عطائي ڊاڪٽر کي ڏانٽي سان ڪهي ڇڏيو، وارثن  حيدرآباد – ميرپورخاص باءِ پاس  تي ڌرڻو هنيو، شهر جي ڪيرياشاخ ڀرسان  سخي وهاب ڪالوني ۾ 35 ورهين جو نوجوان عطائي ڊاڪٽر لال چند باگڙي پنهنجي ڪلينڪ تي ويٺل هو ته اڻڄاتل  ماڻهن ڪلينڪ ۾ داخل ٿي  ڏانٽي سان ڪهي قتل ڪري ڇڏيو، واقعي بعد جوابدار ڪلينڪ جو در ٻاهران بند ڪري  فرار ٿي ويا، ڪلينڪ مان وهندڙ رت ڏسڻ  بعد واقعي بابت پتو پيو،اطلاع تي بي سيڪشن پوليس واقعي واري هنڌ پهتي ته وارث عورتن  لاش کڻڻ نه ڏنو ۽ سخت احتجاج ڪيو، باگڙي برادري جي سوين مردن توڙي عورتن حيدرآباد – ميرپورخاص باءِ پاس  تي ڌرڻو هنيو. پوليس جوابدارن جي گرفتاري جي خاطري احتجاج ختم ڪرائي، لاش پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن حوالي ڪيو، مقتول جي وارثن الزام هنيو آهي ته ماڇي هوٽل جي رهواسي ناهيون برادري جي ماڻهن سان تڪرار هلندڙ هو، جن اهڙي ڪارروائي ڪئي آهي،  ٻي پاسي پوليس موجب قتل جي واردات دوران علائقي واسين کي خبر نه پئجي سگهي آهي ته ڪيترا جوابدار آهن، جاچ ڪري رهيا آهيون، جلد جوابدار گرفتار ڪيا ويندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.