موٽروي سانحي تي دنيا ۾ پاڪستان بدنام ٿيو: سراج الحق

لاهور (پ ر)جماعت اسلامي پاڪستان جي امير سينيٽر سراج الحق چيو آهي ته حڪومت اخبارن ، ٽاڪ شوز ۽ سوشل ميڊيا جي گارين  ۾ موجود آهي ۽ عملي طور ان جو ڪوبه وجود نه آهي. امن و امان جي صورتحال ايتري خراب آهي جو ڪابه ماءُ ڀيڻ ۽ ڌيءَ انتهائي ضرورت جي وقت ۾ به ٻاهر نٿي نڪري سگهي. حڪومت جي بيوسي ۽ ناڪامي کي ڏسندي خطرو آهي ته ڏوهن ۾ وڌيڪ واڌارو نه ٿئي مهانگائي بيروزگاري ۽ بدامني ۾اضافي سان عوام سخت پريشان آهي پر حڪومت ٽس کان مس به نٿي ٿئي. کنڊ اٽو ۽ دالين گهيه ايسيتائين جو دوائن ۾ به هوشربا اضافي سان عوام جي خريد ڪرڻ جي طاقت ختم ٿي وئي آهي.  موٽر وي جي واقعي سان بين الاقوامي سطح تي پاڪستان جي عزت ۽ وقار کي سخت ڌڪ رسيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.