ميرپوربٺورو: هزارين برسات متاثرن جو اسسٽنٽ ڪمشنر آفيس آڏو احتجاج

ميرپوربٺورو تعلقي جي 12 يونين ڪائونسلن ۽ ٻن ٽائون ڪاميٽين ۾ هزارين برسات متاثرين جي واهر نه ٿيڻ ۽ آيل امدادي سامان من پسند ماڻهن کي ڏيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ، سوين متاثرن پ پ سٽي ميرپوربٺورو جي سابق  صدر عبدالغفور ميمڻ، ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر ميرپوربٺورو جي آفيس آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي ، ان موقعي تي اڳواڻن احتجاج ڪندي ٻڌايو ته برساتن سبب سم نالا اٿلڻ ڪري تعلقي ميرپوربٺورو ۾ وڏي تباهي ٿي آهي، تعلقي انتظاميا پاران برسات متاثرين جي اڄ ڏينهن تائين ڪا به واهر نه ڪئي  وئي آهي

ايس او ٽي

ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر غلام حيدر خاصخيلي پ پ اڳواڻن کي خاطري ڪرائي ته برسات متاثرن جي واهر لاءِ حد جي تپيدارن ذريعي سروي ڪرائي پئي وڃي جلد کين ٽينٽ ۽ مڇردانيو ڏنيون وينديون،

رپورٽ -امتياز علي سومرو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.