گهوٽڪي ڀرسان هٿياربندن گهر ۾ گهڙي نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو

گهوٽڪي( ڊ ر )گهوٽڪي ويجھو نامعلوم هٿياربندن گهر ۾ داخل ٿي نوجوان کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو.خبرموجب گھوٽڪي ويجھو بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ دوست محمد بلو ۾ نامعلوم ھٿياربندن گھر  ۾ داخل ٿي 22 سالن جي نوجوان محمد ھاشم  پٽ محمد قاسم بلو کي گوليون ھڻي قتل ڪري ڇڏيو.اطلاع تي پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي لاش کڻائي تعلقا اسپتال گهوٽڪي منتقل ڪيو جتان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.جڏهن ته نوجوان پاڪ فوج ۾ سپاھي طور ملازم ھو ۽ ڪجھ ڏينهن اڳ موڪل تي گھر آيل هو.ٻي پاسي پوليس واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.