ٻلهڙيجي جي ياترا ۽ ادبي سنگت جي خيالي گڏجاڻي

عطيه دائود

هيءَ ان زماني جي ڳالهه آهي جڏهن رمپا پلازه جي ڪڏهن ٽيئن ته ڪڏهن نائين ماڙ تي سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻي لاءِ خميس جي ڏينهن اسان ملندا هئاسين. لفٽ جي انتظار بدران ڏاڪڻيون چڙهڻ ۽ لهڻ کي ترجيح ڏيندا هئاسين. اسان جا ٽهڪ عمارت ۾ گونجندا هئا. دستوري گڏجاڻي شروع ٿيڻ کان اڳ ۽ ختم ٿيڻ کان پوءِ پاڻ ۾ مذاق مشڪري هلندي رهندي هئي..۽ ٻلهڙيجي لٽل ماسڪو جو ذڪر ٿيو ۽ مون پڇيو ته اها وري ڪٿي آهي؟ امير، چندر مذاق ڪرڻ لڳا.. انور صاحب عطيه کي سکڻي صلاح به نه ڪئي ٻلهڙيجي گهمڻ لاءِ..انور جوش ۾ چوندو هو ته پوءِ اسان گڏيل پروگرام ٺاهيون ٿا. هلون ٿا. اتان جي عورتن جي ادبي سرگرمين جو ذڪر ڪندو هو.

وقت گذرندو ويو. شاه محمد پيرزادو منهنجو اهڙو دوست آهي جنهن کي عرف عام ۾ بيسٽ فرينڊ چون ٿا ۽ ان کان پوءِ نئين جنريشن ۾ امر پيرزادو. باک ۽ ٻين سڀني سان ذاتي دوستي ۽ رشتو رهيو پر اتفاق سان انور لاءِ ٿيندڙ پروگرامن ۾ به مان شرڪت ڪري نه سگهيس..

۽ هاڻ وڃڻ ٿيو. منهنجي پياري سهيلي ثمينه ابڙو ۽ خدابخش ابڙي سان گڏ…اقرار پيرزادي ۽ سائٿ، افشان سان مون فون تي ڳالهايو. اقرار چيو ته توهان پهرين انور صاحب  سان ملي پوءِ گهر ويندا ته مون چيو ته ها…اقرار قبرستان ۾ اسان جو انتظار ڪري رهيو هو. حد نظر تائين جن پيرزادن جون آخري آرام گاهون نظر اچي رهيون هيون انهن سڀني کي مان سڃاڻيان پئي انهن سان ملاقات رهي هئي. شاهن جو والد.. جڏهن پهريون ڀيرو موهن جو دڙو گهمڻ آيا هئاسين ته ساڻس ملاقات ٿئي هئي پاڻ ميوزم جا انچارج هئا. خدا بخش ساڻس پنهنجو تعارف ڪرايو ، منهنجو تعارف ڪرائيندي ٻڌائينس ته هي عطيه آهي شاهن جي دوست…تمام گهڻي جوش ۽ خوشي مان مليو ۽ ميوزم جي هڪ هڪ شي بابت ڄاڻ ڏني هيائين.. شاهن جي ماءُ سان به ملاقات هئي.. انور جي زال سان به ملاقات هئي. زبير ته سنگت ۾ اڪثر ايندو هئو، ان جي مرڪ ڪيئن ٿي وسري سگهي. ستار اسان جو سنگت جو سرگرم ساٿي. ميرمحمد پيرزادو..لطف سڀ ته دوست هئا ۽ آهن.. انور جي مزار تي ٿوري دير خاموشي سان بيٺل رهيس.. مونکي يقين نه ٿي آيو ته انور به ڪڏهن خاموش رهي سگهي ٿو. ايئن ته مون ڪڏهن به نه ڏٺو هو..

۽ پوءِ قبرستان مان جئين واپسي لاءِ مڙياسين ته منهنجي تخيل جي دنيا جڙي پئي..در جي ٻاهر انور، ستار، زبير، ميرمحمد ۽ لطف سڀ بيٺا هئا.. ۽ اسان جي محفل جا ٻيا ساٿي رئوف،بدر ابڙو، فقيرمحمد لاشاري ، نقاش،شاهن، امير، چندر، جان خاصخيلي..اياز جاني. علي حسن چانڊيو، انور ابڙو ٻيا به موجود هئا..محفل ۾ سنجيدگي هئي پر اسان جي ٽولي ٽهڪ ڏيڻ شروع ڪيا. انور به سنجيدا ماڻهن کان سُري اسان جي ويجهو اچي ٽهڪ ڏيڻ لڳو.. اسان ٻنيين ۾ رستن تي هلندا وياسين.. انور چيو پنهنجي دوست ثمينه جو تعارف ته ڪراءِ.. مون کيس ٻڌايو ته اردو ادب ۾ ماسٽرس ڪئي اٿس. شاعري ڪري ٿي تمام سٺي ادب جي پڙهندڙ آهي.پوءِ ثمينه خود به ٻڌائڻ لڳي ته هو نصرت ڀٽو ڪالج جي پرنسپل آهي. مان انور کي ٻڌايو ته هيءُ رواجي پرنسپل کان ڪيتري مختلف آهي. ذاتي ڪوششن سان هن ڇوڪرين لاءِ ڪيتريون غيرنصابي سرگرميون پڻ ڪرائي ٿي. ڇوڪرين جي گهرن ۾ وڃي سندن مائٽن کان اجازت وٺي انهن جي صلاحيت مطابق انهن کي موقعا مهيا ڪري همٿ افزائي ڪري ٿي.. اهو سڀ ٻڌي انور خوش ته ٿيو پر سندس اکين ۾ بي چيني هئي، چيائين ته اهو سڀ ته ڪو مرد به ڪري سگهي ٿو..ڪو به سٺو پرنسپل اهو ڪندو آهي ۽ کيس ڪرڻ کپي.. چندر چيو ته ڇا مطلب آهي توهان جو.. هن جي ايتري جدوجهد…. انور ڳالهه ڪٽيندي چيو.. ”سسئي لنگهي سا مرد جنهن مات ڪيا..“ ثمينه سان سنئون سڌو مخاطب ٿيندي چيائين.. توهان کي لاڙڪاڻي ۾ عورتن جي سنڌي ادبي سنگت جي شاخ کي سرگرم ڪرڻ کپي، اتي توهان جهڙن مثبت ذهن جي عورتن جي ضرورت آهي.. رئوف، انور سان اختلاف ڪندي چيو.. اڃان توهان کي سنڌي ادبي سنگت مان اميدون آهن؟!.. جيڪي ماڻهو اتي حاوي آهن انهن کي اهڙن هاڪاري سوچ جي ماڻهن جي ضرورت ئي ناهي. اهڙن ماڻهن کي چونڊي چوندي ٻاهر ڦٽو ڪندا.. ان کان بهتر آهي ته ماڻهو انفرادي طور تي مثبت ادبي علمي ڪم ڪندو رهي..اسين سڀ رئوف سان سهمت هئاسين. انور جوش ۾ صفا ڳاڙهو ٿي ويو.چيائين ته ٻه ٽي ڀيرا اسان سان جيڪڏهن اهڙي جٺ ٿي آهي ته ان جو مطلب اهو ته ناهي ته شڪست مڃي ويهي رهون. توهان سڀني سنگت کي پنهنجي زندگي مان ايئن ڪڍي ڦٽو ڪري ڇڏيو ڄڻ ته هو اسان جي زندگي جو حصو نه هئي.. ياد رکو سنڌي ادبي سنگت اسان جي دلين ۾ ڌڙڪي ٿي..شاهن چيو ڪاڪا جيڪا سنگت اسان جي دلين ۾ ڌڙڪي ٿي اهو اسان جو ماضي هو..هاڻ فقط انهن جون يادون آهن. ستار چيو ته انور صحيح ٿو چئي.. جڏهن کان دستوري گڌجاڻين ۾ وڃڻ ڇڏيو آهي پاڻ کي اڪيلو ٿو سمجهان. ڪتاب به ڇپجي وڃن ٿا پر ڪا خبر ناهي ته ان جي ادبي ڪٿ ڇا آهي. پهرين ته سنگت دل کولي تنقيد ڪندي هئي پنهنجي اوڻاين جي خبر پئجي ويندي هئي..بدر  چيو ته هاڻ تنقيد نه ٿي ٿئي رويو ٿو ڇپجي، اهو ڪتاب ڇپجڻ کان پوءِ..ان ۾ جيڪڏهن ڪنهن اوڻايون ڄاڻايون به ته ان کي بدلائي ته نه ٿو سگهجي…نقاش چيو ته سنگت اسان کي ڇڏيو يا اسان سنگت کي ڇڏيو پر ويڳاڻپ جو شڪار اسين سڀ ٿي ويا آهيون.

فقير چيو ته جيڪا گفتگو اسان جي هلي رهي آهي ڇونه ان کي دستوري گڏجاڻي جو نالو ڏيون..جان، مهرباني ڪري توهان ڪارروائي هلايو. ايجنڊا لکي وٺو. ڀائو اقرار ٻه ٽي پنا ته آڻي ڏجان..نقاش چيو فقير تنهنجي کيسي ۾ ته پنا ۽ پين موجود هوندي آهي اڄ ڇا ٿيو.. هن چيو مونکي ڪهڙي خبر ته اڄ اوچتو انور ميٽنگ سڏائيندو.. سڏ ٻڌي تڪڙو هليو آيس.. اياز جاني چيو دوست هن گڏجاڻي کي ٻيو ڪهڙو به نالو ڏئي سگهن ٿا پر اسين هن کي سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻي ڪيئن ٿا چئي سگهون؟..علي حسن ۽ انور ابڙي به ان موقف جي حمايت ڪئي..علي حسن چيو سنگت جا مالڪ اعتراض ڪندا. انور ابڙي چيو توهان سڀ اهو وساري رهيا آهيو ته اسين سنڌي ادبي سنگت جي ڌڪاريل ڌر آهيون. مون کلندي چيو ۽ مان توهان جي شڪست کاڌل سيڪريٽري آهيان…سڀني جو جوش ڪجهه ٿڌو ٿيو.. مايوسي وچان هڪ ٻئي ڏي ڏسڻ لڳا.. ته اتي انور پيرزادي جو جوشيلو آواز گونجيو.. شڪست کي سيني سان لڳائي هليو وڃي هرڪو گهر!!.. ايئن نه ٿيندو.. پاڻ ۾ همت پيدا ڪيو..اسين سڀ پاڻ ۾ هڪ ٿينداسين ته گڏجي وک کڻنداسين ته شڪست کي به شڪست اچي ويندي. مان ۽ امير هر وقت مذاق لاءِ تيار، هٿ مٿي کڻي جوش منجهان چيو. ”منزل ناهي ڏور او ساٿي..منزل ناهي ڏور..“ رئوف هجت منجهان دڙڪو ڏيندي چيو مذاق نه ڪيو…شاهن چيو پر سوچڻ جهڙي ڳالهه آهي، اسان سنڌي ادبي سنگت جي آئين جو احترام ڪيون ٿا؟ مرڪز کي آگاه ڪرڻ کانسوا۽ ڪنهن نئين شاخ کولڻ جي آئيني اجازت کانسواءِ ڪيئن ٿا سنگت جي نالي ۾ گڏجاڻي ڪري سگهون. امير ۽ مان پاڻ ۾ ڀڻ ڀڻ ڪندي ڪاوڙ مان شاهن کي ڏسندي چيو هن کي به هن ئي وقت معقول ڳالهه ڪرڻي هئي. ماحول سنجيدا ٿي ويو  فقير چيو مان ان ڳالهه جي حمايت ٿو ڪيان ته اسان کي آئين جو احترام  ڪرڻ کپي..بدر، رئوف، شاهن، ستار هڪ موقف تي بيهي رهيا ته اسان کي آئين جي خلاف ورزي نه ڪرڻي آهي.. سڀني جا منهن لهي ويا.. نقاش، انور پيرزادي ڏانهن ڏسندي چيو..انور سائين ڏسو ٿا هنن ويچارن نوجوانن جا منهن لهي ويا آهن. اداس ٿي ويا آهن . تڏهن انور پيرزادو نوجوانن پاران نمائندو بڻجي مهاڏو اٽڪائي بيهي رهيو.. جيڪو ٿيندو سو ٿيندو.. اڄ گڏجاڻي ٿيڻ ڏيو. پوءِ ويهون ٿا گڏجي..صلاح ڪري ٿا وٺون ته مرڪز کي ڇا جواب ڏينداسين..سڀ ان تي متفق ٿيا ته گڏجاڻي ڪيون ٿا پوءِ ڌٺو ويندو. هاڻي گڏجاڻي جو فيصلو ٿي چڪو.

.نقاش چيو ته بروبر بروبر.. عطيه به اهو سٺو ڪيو ته پاڻ سان گڏ هڪ ٻي مائي کي به وٺي آئي آهي…هڪ کان ٻه مايون ته سنگت کي مليون.. انور چيس عطيه جي ڳالهه نه ڪيو، هوءَ اڪيلي ڏهن مردن جي برابر آهي.. چندر چيو ته پوءِ هاڻ ٻه معنيٰ ته اسان وٽ ويهه مرد ميمبر به ٿيا..امير کلندي ڀڻڪندي چيو انور صاحب توهان ته عطيه کي ڪجهه وڌيڪ ئي اهميت ڏيو ٿا.ايئن ته نه ڪيو. امير مذاق ۾ ايئن ٿي ظاهر ڪيو ڄڻ کيس مسئلو هجي. انور جوش سان چيو عطيه سنڌي ادبي سنگت جو نڪ آهي…امير کي مذاق لڳي پوءِ مان سنگت جو وات آهيان…مون چيو نه امير تون ته سنڌي ادبي سنگت جو پڇ آهين. فقير سنجيدگي سان چيو.. امير هروڀرو مشڪري ٿو ڪري..نقاش امير جي اکين ۾ شرارت ڏسي کل کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ته کل ۾ ٻٽجي ويو.فقير چيو ته  هاڻي سڀ گڏ ٿيا آهيون ته ڪم جي ڳالهه ڪجي..بدر به تائيد ڪندي چيو ته دوستن کي گذارش آهي ته ڪجهه دير سنجيدگي اختيار ڪن..جيئن ئي سنجيدگي جو ماحول جڙيو ته مون به کلڻ شروع ڪيو. امير شڪايت لڳائيندي چيو ته انور جي لاڏلي، گوڙ ڪري ته ڀلي ڪري باقي مان نه ڪيان..مون صفائي پيش ڪندي چيو ته نقاش کي چئو ته مهرباني ڪري کل کي روڪڻ جي ڪوشش نه ڪندو ڪري.. ان کان بهتر آهي ته کلي ڏئي نه ته ان جي اهڙي شڪل ڏسي مونکي وڌيڪ کل ايندي آهي.. فقير ڪجهه وڌيڪ سختي کان ڪم وٺندي پين جي نب کي ٽيبل تي لڳائيندي چيو.. بس بس.. ڪارروائي شروع  ڪجي ٿي.. اوچتو سڀ خاموش ٿي ويا.. هاڻي سڀني جي اکين ۾ سنجيدگي هئي.. فقير چيو.. گڏجاڻي جي شروعات ڪجي ٿي.. روايت موجب نئين آيل ڪنهن دوست کان صدارت ڪرائيندا آهيون سو اڄ جي هن محفل جي صدر آهي ثمينه ابڙو…

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.