سڪيورٽي فورسز هٿان دهشتگرد ڪمانڊر ٽن ساٿين سميت مارجي ويو

راولپنڊي (م ڊ ) خيبرپختونخواهه جي ضلعي اتر  وزيرستان ۾ بارودي سرنگهه جي ڌماڪي سبب پاڪ فوج جو  سپاهي شهيد ٿي ويو.آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان موجب خيبرپختونخواهه جي ضلعي اتر وزيرستان ۾سيڪيورٽي فورس جي چيڪ پوسٽ ويجهو بارودي سرنگهه جو ڌماڪو ٿيو.آءِ ايس پي آر موجب ڌماڪي سبب سپاهي ساجد شهيد ٿي ويو. جڏهن ته فورس علائقي جو گهيرو ڪري ڪليئرنس آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي.ياد رهي ته هلندڙ مهيني جي 3 تاريخ تي اتر وزيرستان ۾ دهشتگردن طرفان روڊ ڪناري تي لڳل بارودي سرنگهه ڦاٽڻ سبب ليفٽيننٽ ناصر حسين، نائيڪ محمد عمران ۽ سپاهي عثمان اختر شهيد جڏهن ته چار جوان زخمي ٿي پيا هئا. هوڏانهن  آءِ ايس پي آر موجب وزيرستان ۾ سڪيورٽي فورسز جي ڪارروائين ۾دهشتگرد ڪمانڊر احسان الله ٽن ساٿين سميت مارجي ويو آهي،  آءِ ايس پي آر احسان الله سڪيورٽي فورسز تي حملن ، ڀنگ لاءِ اغوا جهڙين وارداتن ۾ ملوث هو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.