فيصل آباد ۾ اَٺن پَهرن دوران 5 ٻارن سان زيادتي جا واقعا

فيصل آباد (م ڊ ) فيصل آباد ۾ هڪ ئي ڏينهن اندر 3 معصوم ٻارن سان ڏاڍائي ڪئي وئي آهي. جڏهن ته چئن ورهين جي ٻارڙي ۽ 15 ورهين جي نوجوان ڇوڪريءَ سان پڻ زيادتي جي ڪوشش جو انڪشاف ٿيو  آهي. ڪو به جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيو. پوليس موجب تنديانوالا ۾ جوابدار سلمان  4 ورهين جي ٻاڙي کي ورغلائي پنهنجي اوطاق ۾ وٺي وڃي زيادتي جي ڪوشش ڪئي. ٻارڙي جي رڙين تي سندس وارث پهچي ويا، پر جوابدار فرار ٿي ويو، تنديانوالا ۾ ئي 15 ورهين جي ڇوڪريءَ سان لڄالٽ جي ڪوشش ڪئي وئي. ڇوڪريءَ جي مزاحمت تي جوابدار شعيب فرار ٿي ويو. ٻين ٽن واقعن ۾ 7 کان 10 ورهين جي ٽن معصوم ٻارن کي ڏاڍائي جو نشانو بنايو يو. نيو سول لائين ۾ دڪان تان شئي وٺڻ لاءِ آيل 9 ورهين جي نينگر سان دڪاندار بد فعلي ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.