ڪراچي ۾ لاڙڪاڻي واسي نوجوان کي قتل ڪندڙ اهلڪار ڪارروائي کان آجا

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ لاڙڪاڻي واسي نوجوان کي منشيات فروش ڄاڻائي گولين جو کاڄ بڻائيندڙ پوليس اهلڪارن خلاف ڪابه ڪارروائي نه ٿي سگهي آهي. 2 ڏينهن اڳ نيو ڪراچي پوليس ايوب ڳوٺ ۾  مقابلو ڄاڻائي منشيات فروش سرتاج عرف تاجو کي مارڻ جي دعويٰ ڪئي جيڪو مارجي ويل نوجوان لاڙڪاڻي واسي نڪتو. پوليس جي جڙتو مقابلي ۾ مارجي ويل نوجوان فيصل ابڙو لاڙڪاڻي جو رهواسي هو، جيڪو ڪراچي پنهنجي مائٽن وٽ گهمڻ آيو هو. مقتول جي سئوٽ عرفان موجب فيصل، مسجد ۾ ويٺل هو، پوليس اهلڪار کيس ڳچيءَ ۾ رومال وجهي گهلي کڻي ويا، فيصل دانهون ڪري رهيو هو ته هو سرتاج ناهي پر ان باوجود پوليس اهلڪارن سندس هڪ نه ٻڌي. اکين ڏٺن شاهدن موجب پوليس اهلڪار فيصل ابڙو جي اکين تي پٽيون ٻڌي ٽنگن ۾ گوليون هڻڻ بعد کيس موبائيل ۾ کڻي ويا ۽ قتل ڪري لاش ڦٽو ڪري ڇڏيو. پوليس جي پريس رليز ۾ به مارجي ويل نوجوان جو نالو منشيات فروش سرتاج عرف تاجو لکيل آهي، جيڪو جيئرو آهي ۽ مسجد ۾ نماز پڙهندڙ بيگناهه نوجوان پوليس جي گولين جو بک بڻجي ويو، هوڏانهن ايس ايڇ او سهراب ڳوٺ چيو آهي ته فيصل ئي تاجو ابڙو آهي، وارثن ايڊيشنل آءِ جي کان جاچ جو مطالبو ڪيو آهي، هنن چيو ته فيصل ابڙو کي جمعي نماز جي ادائگي دوران مسجد مان کنڀيو ويو، چاچي ممتاز ابڙو چيو ته نوجوان کي15 گوليون هنيون ويون، فيصل جي ڪجهه مهينا اڳ شادي ٿي هئي، هو گهرواري کي گهمائڻ ڪراچي آيو هو، اهلڪارن خلاف ڪارروائي نه ٿي ته احتجاج ڪنداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.