ڪينيڊا ۾ مسجد جو نگران شهيد

ٽورنٽو(م ڊ) ڪينيڊا جي راڄڌاني شهر ٽورنٽو جي هڪ مسجد جي نگران کي ڇرين جا وار  ڪري قتل ڪيو ويو. ٽورنٽو پوليس موجب مسجد جي نگران تي ان وقت حملو ڪيو ويو جڏهن ول نماز کانپوءِ مسجد مان ٻاهر نڪري رهيو هو، حملي آور واردات کانپوءِ فرار ٿي ويو.پوليس عملدارن جو چوڻ آهي ته انٽرنيشنل مسلم آرگنائيزيشن آف ٽورنٽو جي اندر ۽ ٻاهر شاهديون گڏ ڪري رهيا آهيون.ٻئي طرف انٽرنيشنل مسلم آرگنائيزيشن مسجد کان ٿيل قاتلاڻي حملي تي شديد ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته مسلم ڪميونٽي جا ماڻهو ان حملي جي حوالي سان گمان پيدا ڪندڙ ڳالهين کان پاسو ڪن ڇو ته معاملي جي جاچ اڃان جاري آهي.

آمري پل ڀرسان سم نالي کي گهارو، ڪچي واسين جي لڏپلاڻ

ڄامشورو (ن ع آ) آمري پُل ڀرسان سِم نالي کي 200 فُٽ گهارو پئجي ويو، پاڻي سوين ايڪڙن تي پوکيل فصل کي ٻوڙي ڇڏيو، آبپاشي عملي جي روايتي سستي سبب 10 کان وڌيڪ ڳوٺ ٻڏڻ جو خدشو پيدا ٿي ويو، ڪچي واسي گهر خالي ڪري لڏپلاڻ ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا، رهواسين چيو آهي ته گهاري جو وقت سر اطلاع ڏيڻ باوجود آبپاشي عملو نه پهتو، هو پنهنجي مدد پاڻ تحت گهارو بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.