ٻوڏ واري صورتحال باوجود وارهه ۾ پاڻي جي کوٽ

وارھ (ن ع آ) سنڌ ۾ ٻوڏ واري صورتحال موجود هجڻ جو خبرون روز جو معمول بڻيل آھن پر وارھ تعلقي جون پنا شاخ، پنهوارو شاخ، ڪالري شاخ، نصير شاخ ۽ ڪنور شاخن ۾ پاڻي جي  سخت کوٽ  سبب آبادگار ۽ هاري سخت  پريشان آهن، ان حوالي سان ھاري ماڻھن بلاول لاشاري، زاهد چانڊيو، سيد عاشق شاھ ، سيد نور شاھ، نويد لڪياري جعفر لاشاري، علي حسن بروهي، غلام نبي تونيو، ياسين گاڏھي  صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسانجو هزارين ايڪڙن تي نئون پوکيل  ساريالو فصل پاڻي نه هجڻ ڪري پلال ۾ تبديل ٿي رهيو آھي، پر شڪايتن باوجود ڪير دانهن ٻڌڻ وارو ناهي، هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي هٿرادو کوٽ ختم ڪري شاخن ۾ پاڻي پهچايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.