ڊرگهه بالا لڳ برسات بعد هزار گهر ڊهي پٽ، متاثر کليل آسمان هيٺ ويٺل

ڊرگھه بالا (رپورٽ: غلام شبير ڏاھري  ) ڪاڇي ۾ نئين گاج سميت  جابلو نئين تباهي مچائي ڇڏي آهي، علائقي ۾ هر طرف تباهي جا منظر نظر اچي رهيا آهن. 8 آگسٽ تي نئن گاج جي خطرناڪ وهڪري جنهن گاج بند کي ٽوڙي ڪاڇي کي ٻوڙيو هو، 17 ڏينهن جي وٿي بعد آيل نئن گاج جي خطرنڪ وهڪري، سميت نئن تڪي، نلي، هليلي، ڪڪڙاني، انگئي ۽ نئن  نئينگ پڻ وهي آيون. 2 ڏينهن لڳاتار برسات ۽ نئيون وهي اچڻ ڪري ڪاڇي جي شهر  ڊرگهه بالا، حاجي خان، راڄو ڳنڍو، گزياڻي لنڊ. بھاول ٻٻر. جعفر خان لنڊ. محمد حسن گرماڻي  سميت ٻين ڳوٺن ۾ هڪ هزار ڪچا گهر پٽ پئجي ويا، جڏهن ته واهي پانڌي ۾ نئين نلي جي پاڻي پڻ وڏي تباهي مچائي آهي. نئن جي پاڻي ڪچن گهرن سميت  غريبن جو الهه تلهه لوڙهي وئي آهي،  واهي پانڌي، ٽوڙ، پٽ گل محمد، ڊرگهه، بالا، ساوڙو، ٽنڊو رحيم خان، ڇني ۽ شاهه حسن سميت ڪاڇي جي 8 يونين ڪائونسلن جي سوين ڳوٺن ۾ ٻوڏ جا ڀيانڪ منظر نظر اچي رهيا آهن، 8 يونين ڪائونسلن ۾ 10 هزار کان مٿي ڪچا گهر ڊهي پٽ پئجي ويا آهن، جڏهن ته ڊرگهه بالا، حاجي خان، راڄو ڳنڍو، واهي پانڌي، گولو فقير  گزياڻي لنڊبجي  روڊن جو تعلقي هيڊ ڪوارٽر شهر جوهي سان ھڪ مھيني   کان جڏهن ته ڇني ۽ ٽنڊو رحيم جو 28  ڏينهن کان تعلقي هيڊ ڪوارٽر شهر جوهي کان رابطو ڪٽيل آهي. ڊرگهه بالا شهر چوطرف پاڻي هجڻ ڪري جزيري جو ڏيک ڏئي رهيو آهي. ٻي طرف سرڪار پاران ٻوڏ ماثر ڪاڇي واسين جي واهر نه ٿيڻ ڪري کليل آسمان هيٺ ويٺل ماروئڙا بکن ۾ پاهه ٿي ويا آهن، روڊ رستا ڪٽيل هجڻ ڪري کاڌي پيتي جون شيون ناياب بڻجي ويون آهن، پٽاٽا 100، بصر 110، دال 400 سئو رپيا، اٽو 80 رپيا ڪلو وڪرو ٿي رهيو آهي، جڏهن ته پئٽرول 150 رپيا ليٽر ٿي ويو آهي. ان کانسواءِ دوائن جي پڻ کوٽ پيدا ٿي وئي آهي. ٻوڏ متاثر سوين ڳوٺن جي بجلي پڻ بند آهي، برساتي پاڻي پيئڻ سبب ٻارڙن سميت سوين ماڻهو گئسٽرو ۾ وٺجي ويا آهن. . هوڏانهن علائقي واسين  عابد لغاري. ھاشم  برهماڻي، قلندربخش برهماڻي، عنايت لغاري.  طالب سرهيو، ممٿاز وگهيو ۽ ٻين الزام هڻندي چيو آهي ته ڪاڇي ۾ ٻيو دفعو آيل ٻوڏ سڀ ڪجهه تباهه ڪري ڇڏيو آهي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.