ٻوڏ متاثرن تي وفاق ۽ سنڌ جي حڪمرانن جي سياست

ايڊووڪيٽ امر امتياز

سنڌ اندر مسلسل ڪورونا  لاڪ ڊائون  بعد جيئن ئي زندگيءَ جو ڪارونھوار معمول تي اچڻ لڳو ته قدرتي آفتن جي سلسلي جي ھڪ ٻي آفت برسات جي صورت  ۾ اچي ڪڙڪي ۽ ستم ظريفي اھا گذري ته مسلسل ڪاروبار بند ھجڻ سبب ڦاڪن تي آيل خاندانن لاءِ تڪليفن جو ھڪ ٻيو مرحلو ھيو جيڪو سندن حياتين مٿان اچڻو ھيو، ان سموري سلسلي ۾ گذريل حڪومتن وانگي سنڌ اندر موجود حڪومت ڪندڙ حڪمرانن جا اڍنگا رويا ته ڏسڻ وٽان ھيا؟ ھڪ ته سياستدان لاڪ ڊائون ۽ سماجي فاصلي کي مسئلو ٺاھيندي عوام جي وچ تي ئي نه آيا ٻيو ھڪ خبر اخبار ۾ پڙھندي اچرج سان گڏ مايوسي به ٿي لکيل ھيو ته، ”بدين ۾ برسات متاثرن پاران امداد لاءِ پ پ تعلقي صدر جو گهيراءُ ڪيو ويو جنھن ۾ صاحب موصوف جي گارڊن اتي آيل ماڻھن مٿان گوليون وسائي ڇڏيون، جنھن جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا زخمي، ٿي پيا اھو سمورو لڪاءُ ڏسي  پ پ اڳواڻ ته کڙين تي زور رکي  فرار ٿي ويو“.

ٿيو ھينئن ته  بدين تعلقي جي مختلف ديهن مٺي ٿري، ديهه ٿڦڙي ۽ ڳوٺ حاجي هاشم خاصخيلي جا برسات متاثر امداد وٺڻ لاءِ تعلقي ڪائونسل بدين جي نگران ۽ پ پ تعلقي بدين جي صدر ڊاڪٽر عزيز ميمڻ وٽ آيا، جڏھن لاڪ ڊائون ۽ برسات متاثرين جي پيهھ وڌي ته پ پ اڳواڻ جي گارڊن متاثرن کي امداد سامان ڏيڻ بدران کين ڌڪا ڏنا، ۽ آيل عورتن سان ناروا سلوڪ ڪرڻ لڳا، امداد جي نالي تي بي عزتي ٿيندي ڏسي سوين متاثر مڇرجي پيا ۽ زبردستي آفيس جو دروازو ٽوڙي اندر گهڙي پيا، مظاهرين جو گهيراءُ ڏسي گارڊن متاثرن کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا سليم ملاح، رمضان ملاح ۽ خدا بخش شيدي زخمي ٿي پيا، پيهھ ۽ ڀاڄ سبب ڪيترائي ماڻهو چيڀاٽجي پيا جن کي سول اسپتال بدين روانو ڪيو ويو، جتان هڪ زخمي رمضان ملاح کي ٽنگ ۽ هٿ ۾گولي لڳڻ سبب حيدرآباد اسپتال ريفر ڪيو ويو ھو.. ۽ پو اھڙين کوڙ سارين خبرن جو شايع ٿيڻ معمول ٿي ويو ھيو،  سنڌ جي سياستدانن جي بيانن وري ان سموري عمل جو ڏوھاري وفاقي سرڪار کي قرار ڏيندي پنھنجا پير آجا ڪرائڻ لاءِ الزامن جي ھڪ ڊگھي لسٽ ٺاھي ميڊيا آڏو رکي ڇڏي، جنھن ۾ پھريان ته  پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري  وزيراعظم عمران خان کي منافق قرار ڏئي ڇڏيو.

سندس چوڻ آهي ته وفاق کان سنڌ جا پيسا گھرون ٿا ته چون ٿا اهي ٽي سئو به نه ڏيندا، آئون چوان ٿو اهو پيسو انهن جي پيءُ جو ناهي. وفاق پاران سنڌ کي اڃا رپيو به ناهي مليو، افسوس ان ڳالهھ جو آھي ته مدد ته پري جي ڳالهه وزيراعظم همدردي جو بيان به ناهي ڏنو. سنڌ جي عوام جو پيسو سنڌ کي ڏيو. اسان کي وطن ڪارڊ جي ضرورت آهي ته جيئن عوام جي مدد ڪري سگھون.برسات سبب آيل تازي ٻوڏ متاثرن کي  پ پ چيئرمين چيو ته وفاقي حڪومت ناڪام ٿي چڪي آهي. اسان کي پنهنجا حق ڏئي نه ته اسلام آباد اسان به ڏٺو آهي، اتي پهچي وينداسين ۽ وفاق  کان پنهنجا حق وٺنداسين، وفاق عوام جا 2 سئو ارب رپيا کائي چڪو آهي. سنڌ وارا به ايترا ئي پاڪستاني آهن جيترا اسلام آباد وارا آهن. ماضيءَ جا قصا ياد ڏياريندي بلاول اھو فرمائڻ ۾ آر نه ڪيو ۽ فرمايو ته وزيراعظم احتساب جي نالي تي آيو هو، پر هن اپوزيشن لاءِ هڪڙو ۽ پنهنجي خاص معاونن لاءِ ٻيو قانون ٺاهيو آهي.

سليڪٽيڊ وزيراعظم عمران خان ملڪ ۾ 1 ڪروڙ نوڪريون ۽ 50 لک گهر ڏيڻ جو اعلان ڪرڻ بعد ملڪ جي عوام کان اٽو ۽ اجهو به کسي رهيو آهي عذر ظاھر ڪندي بلاول پنھنجي ڪلھن تي وزن وڌندي ڏسي عوام آڏو اھو به ڏکڙو رکيو ته وفاق سنڌ جي اين ايف سي ايوارڊ جي رقم نه ڏيئي رهيو آهي. هن سال به سنڌ جي حصي جا ٻه سئو ارب نه ڏنا ويا آهن، جيڪڏهن سنڌ جي حصي جي رقم ملي وڃي ته صوبي کي ڪنهن امداد جي ضرورت نه آهي، تڪليف ۾ ٻڏندڙ سنڌ کي کوکلن نعرن سان بھلائڻ کان ۽ وفاق تي الزام لڳائڻ کان بھتر آھي ته سنڌ جي ڏتڙيلن جي سھائتا ڪجي، ڇو جو سموري سنڌ ٻڏي وئي آهي ۽ سنڌ جي زراعت تباھ ٿي چڪي آهي، ان سموري منظر ۾ وفاق لاپتا آهي. ۽ وزيراعظم سنڌ جي ماڻهن لاءِ ٻه لفظ همدري جا به نه چيا آهن. پر جي سوچجي ته ھتان جي حڪمرانن ڪھڙي پرگھور لڌي آھي اھا به منظر عام تي اچڻ گھرجي!

نوشھرو فيروز، ٽنڊوباگو کان ڪشمور ۽ ڪراچي تائين سنڌ جا ويھه کان وڌيڪ ضلعا برسات ۾ ٻڏي ويا آھن. پر پنھجي اثر وارن ضلعن جي نالن کي حساس قرار ڏئي ٻين ڪافي ضلعن کي خارج ڪيو ويو، جيڪي حقيقت ۾ برسات سبب  متاثر ٿيا اتان جي متاثرن کي پاڪستان ڪارڊ نه ڏنو ويو. ھاڻ  پاڪستان جي تاريخ ۾ موجوده صورتحال  ۾ بلاول ڀٽو زرداري چئي ٿو ته  منافق وزيراعظم جي وقت ۾ جيڪو معيشت کي نقصان پھتو آهي اھو ڪڏھن به نه ٿيو ھو. ڪرپشن جو راڳ آلاپيندڙ وزيراعظم جي دور ۾ رڪارڊ ڪرپشن ٿي آهي. وفاقي وزيرن کي وفاق کي ٻوڏ بابت سمجھائڻ گھرجي يا استعيفا ڏيئي عوام سان گڏ بيھڻ گھرجي. ته عوام کي سمجھڻ گھرجي ته معاملو ڇاھي..

ھن مضمون لکڻ دوران مونکي ھڪ وقت اھو به ياد آيو جڏھن  07 آگسٽ 2010 تي سنڌوءَ جي ساڄي ڪپ تي ٽوڙيءَ واري هنڌ تان سنڌوءَ جي بچاءُ بند کي گهارو ڇا لڳو، ڄڻ سنڌ ۾ قيامت اچي وئي. شير درياهه سنڌو مستيءَ ۾ اچي سنڌ جي ميدانن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ ڪاهجي پيو ۽ ٻوڙان ٻوڙ ڪري ڇڏي، ڏسندي ئي ڏسندي بلوچستان جي حدن کان وٺي سنڌي سمونڊ تائين هڪ ٻيو سمونڊ ڪري ڇڏيو. جتي 10 کان وٺي 16 فوٽن تائين ڪيترائي ڏينهن اڌ سنڌ پاڻيءَ هيٺ رهي ۽ اڌ سنڌ جي آبادي سر ۽ مال متاع بچائڻ لاءِ سرگردان رهي، پنهنجي ئي ڌرتيءَ تي صدين کان آباد هي ڌرتي ڌڻي بي گهر ٿي ڪسمپرسيءَ جي حالت ۾ ڪئمپن جي حوالي ٿيا. سنڌوءَ جو پاڻي سندن پويان ائين پئجي ويو جيئن ڪو حمله آور لشڪر اوچتو ڪنهن علائقي ۾ ڪاهجي پوي ۽ ماڻهن ۾ ڀاڄ پئجي وڃي، هو ساهه بچائڻ لاءِ برمنهن ڪندا هجن.

ڪٿي جيڪب آباد، ڪشمور، ٺل، شهدادڪوٽ، ڳڙهي خيرو ۽ ڪٿي ڪراچي، سانگهڙ، ٽنڊو باگو، نئون ڪوٽ ۽ حيدرآباد، ساهه بچائڻ لاءِ هي ڌرتيءَ ڌڻي، سنڌ جي هڪ ڪنڊ کي ڇڏي ٻئي ڪنڊ تي وڃي ڪئمپن ۾ پهتا ۽ دربدر ٿي مصيبتن ۽ عذاب ۾ اچي ويا.ساڳي طريقي واري صورتحال هن سال پڻ سنڌ ۾ سانوڻ ۽ بڊي جي مهيني ۾ ٿي آھي،  جنهن جي ڪري نه رڳو ماڻهن جا گهرگهاٽ تباهه ٿي ويا آهن پر انهن جا فصل به سڙي ويا آهن. رڳو زراعت واري شعبي ۾ ئي اربين رپين جو نقصان ٿيو آهي. فقط برساتن ئي نه پر برساتن بعد وهي آيل سم نالن ۾ گهارا پيا، ٻيا واهه به اٿلي پيا ۽ بند ٽٽي پيا جنهن ڪري به فصلن ۾ پاڻي داخل ٿي ويو ۽ ان ڪري وڌيڪ نقصان پهتو، سنڌ جو ڪو تعلقو اهڙو نه آهي جتي ڪنهن نه ڪنهن واهه يا سم نالي کي گهارو نه پيو هجي. ڪيترائي ته اهڙا واهه آهن جن جا گهارا اڃا تائين بند نه ٿي سگهيا آهن. برساتن ۽ گهارن سبب سڀ کان وڌيڪ وونئڻن جو فصل تباهه ٿيو آهي، زراعت کي نقصان سبب سڌي ۽ اڻ سڌي طرح 2 ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهو متاثر ٿيا آهن.

زمينون نوان فصل پوکڻ کان به چڙهي ويون آهن.حڪومت وٽ وسيلن جي کوٽ ته ٿي سگهي ٿي پر ان وٽ انهن ماڻهن کان ته پوءِ به وڌيڪ وسيلا آهن جيڪي آڻين ۽ چاڙهين وانگر گذارو ڪندا آهن. ان لاءِ صوبائي ۽ وفاقي حڪومتون سکڻن حوالن کي ڇڏي ۽ ھڪ ٻئي تي سياست ڪرڻ کانسواءِ پنھنجو پنهنجو فرض پورو ڪري ماڻهن جي مدد ڪن ۽ اها مدد جلد به ڪن ته جيئن ماڻهن ۾ جيئڻ جي آس باقي رهي. ڇاڪاڻ ته جيڪا مدد وقت تي نه ملي اها زيان ٿي ويندي آهي ۽ سنڌ جي هارين، آبادگارن، مزدورن ۽ غريب پورهيتن وٽ ڪنهن به شئي کي زيان ڪرڻ جي گنجائش باقي ناهي رهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.