مٺياڻي جو ڪچو مڪمل طور پاڻي هيٺ

مٺياڻي(رپورٽ: امير علي ملڪ )مٺياڻي جي ڪچي ۾ درياهه ۾ چاڙهه کان پوءِ مٺياڻي جو ڪچو مڪمل ٻوڏ جي پاڻي جي لپيٽ ۾ اچڻ کان پوءِ ڪچي جا سوين ڳوٺ ٻوڏ جي پاڻي هيٺ اچي ويا رهواسين پنهنجي مدد پاڻ پڪي طرف لڏ پلاڻ شروع ڪري ڇڏي ، ڳوٺ عالم جا ڀاڻ ،غازي خان خاصخيلي،  راڻو ڀرٽ، غلام شبير ،در محمد خاصخيلي ، مڱر خاصخيلي، ظفر ڀرٽ ، حاجي خاصخيلي، لقمان خاصخيلي ، ڄام جاڀاڻ ،حاجن جا ڀاڻ جبل شر ، فقير ٽنڊون شر ۽ ڪنڊهاڻي ماڇي سميت سوين ڳوٺن ۾ ٻوڏ جو پاڻي داخل ٿيڻ کان پوءِ ڳوٺاڻا پنهنجي مدد پاڻ پڪي طرف لڏ پلاڻ شروع ڪري ڇڏي آهي ڳوٺاڻن غلام علي جان محمد ۽  اسلم  جو ڇوڻ آهي ته حڪومت طرفان اسان جي ڪا به مدد نه پئي ڪئي وڃي .

حقيقي تبديلي لاءِ نوجوانن کي موثر ڪردارادا ڪرڻو پوندو: سراج الحق

لاهور ( م ڊ )  جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته  تبديلي سرڪار 26 مهينن ۾ اعلانن مٿان اعلان ڪري رهي آهي،  پر عملي قدم کڻڻ لاءِ تيار نه آَهي،  لاهور جي علائقي منصوره ۾ اسلامي جمعيت طلبا جي مجلس شورا کي خطاب  ڪندي سراج الحق وڌيڪ چيو ته حڪومت تعليم کي ايتروته مهانگو ڪري ڇڏيو آهي جو غريب شاگردن لاءِ تعليم جاري رکڻ مشڪل بڻجي ويو آهي،هن چيو ته  ملڪ ۾ حقيقي تبديلي لاءِ شاگرد نوجوانن کي پنهنجو موثر ڪردارادا ڪرڻو پوندو، حڪومت تعليم ۽صحت جي بجيٽ ۾ اصافو ڪندي ته عوام کي ڪجهه رليف ملي سگهندو،  هن چيو ته هڪ ڪروڙ نوجوانن کي نوڪريون ڏيڻ جو واعدو ڪرڻ وارن هڪ سئو نوڪريون به نه ڏنيون آهن، الٽو لکين ماڻهن کان روزگار کسي ورتو آهي، حڪومت کي 50 لک ماڻهن کي ڇت فراهم ڪرڻي هئي پر برساتن ۾ ڪرندڙ ڇتن جي ٻيهرمرمت نه ڪرائي سگهي آهي. هن مطالبو ڪيو شاگرد يونين تان پابندي ختم ڪئي وڃي.

صحافي بلال فاروقي عدالت ۾ پيش، چالان 14 ڏينهن ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي عدالت ۾پوليس پاران  صحافي بلال فاروقي کي پيش ڪيو ويو، جڊيشل مئجسٽريٽ ڏکڻ جي عدالت پوليس پاران ڪيس غلط قلم تحت  داخل ڪرڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، عدالت ڪيس جو چالان 14 ڏينهن ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو، بلال فاروقي کي گذريل ڏينهن شحضي ضمانت تي آزاد ڪيو ويو هو، مٿس ڊفنيس جي ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي ، جنهن ۾  بلال فاروقي تي سوشل ميڊيا تي فوج خلاف ڀڙڪائڻ ۽ مذهبي نفرت پکيڙڻ جو الزام آهي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.