ساماري ۾ سهائتا لاءِ احتجاج، پوليس جي اوباشن سان گڏجي لٺبازي، ڪيترائي متاثر زخمي

سامارو ( ن ع آ )ساماري ۾  مختلف ڳوٺن جي برسات متاثرن پاران ٽينٽ ۽ راشن نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. مظاهري دوران روڊ بلاڪ ڪرڻ تي ڳوٺاڻن  مٿان پوليس ۽ اوباش نوجوان پاران لٺبازي ڪئي وئي. لٺبازي دوران اوباش نوجوانن ڪوريج ڪرڻ تي صحافين مٿان به الرون ڪيون. سامارو پريس ڪلب اڳيان مختلف ڳوٺن جي رھواسي ٻوڏ متاثرن ٽينٽ ۽ راشن نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرنو هنيو،  پوليس ۽ شھر جي اوباش نوجوانن روڊ کولائڻ لاءِ  متاثرن تي لٺ بازي ڪري ڏني، جنهن ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت ڪيترائي برسات متاثر  زخمي ٿي پيا، لٺبازي دوران رپورٽنگ ڪرڻ تي پوليس اھلڪارن ۽ اوباش ماڻھن  پريس ڪلب تي هلان ڪري صحافين تي الرون ڪيون ۽ گٿا لفظ ڳالهايا.ان موقعي تي متاثرن چيو ته برسات سبب گهر ڪري پيا آھن،  اسان ڪيترن ئي  ڏينهن کان روڊن تي دربدري واري زندگي گذاري رهيا آھيون، پر انتظاميا اسان کي نه راشن ڏنو نه ئي وري ٽينٽ ڏنو آھي، اسسٽنٽ ڪمشنر سامارو من پسند ماڻھن کي رات جي اونداهي ۾ امدادي سامان ڏئي رهيو آھي، احتجاج ڪرڻ تان لٺيون وسايون ويون، جنهن جي ڪري  عورتون ٻار ۽ مرد متاثر زخمي ٿي پيا آھن . هوڏانهن  صحافين ۽  سياسي سماجي ڌرين ۾ سخت ڪاوڙ جي لهر پکڙيل آھي. هنن مطالبو ڪيو آهي ته  پريس ڪلب تي ٿيل حملي جو نوٽيس وٺي صحافين سان ٿيل زيادتي جو ازالو ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.