گهوٽڪي: وڏي وزير جي مددگار بنگل خان مهر سنڌو درياءُ جي بندن جو دورو

جهنگلي جيوت بابت وزير اعلي سنڌ جو مددگار  بنگل خان مهر سنڌو درياءُ ۾ ٻوڏ توڙي بندن جي صورتحال جو معائنو ڪرڻ لاءِ سنڌو درياءُ جي شينڪ ۽ لوپ بند تي پهتو جتي هن بندن جي موجوده صورتحال، بندن تي هلندڙ ڪمن جو جائزو توڙي ضلع انتظاميه پاران متاثرن لاءِ لڳايل ڪيمپن جو معائنو ڪيو ۽ بندن تي ويٺل متاثر ماڻهن جا اهنج معلوم ڪيا،  ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي مير بنگل خان مهر چيو ته انتظاميه پاران بريفنگ ڏني وئي آهي ته پهرين 5 لک ڪيوسڪ پاڻي هيو هاڻ ﷲ جو شڪر آهي جو پاڻي جو وهڪرو گهٽجي ويو آهي، پهرين بلڪل بندن تي دٻاءُ هيو ۽ خطرو هيو پر هاڻ اهو خطرو ٽري ويو آهي، مير بنگل خان مهر جو چوڻ هيو ته سنڌ حڪومت پاران بندن تي ٻوڏ کي منهن ڏيڻ لاءِ سمورا بندوبست ٿيل آهن،

ان موقعي تي متاثرن ۾ راشن ۽ کاڌ خوراڪ پڻ ورهائي وئي جڏھن ته صوبائي خاص مددگار سان گڏ  پ پ ضلع گهوٽڪي جو صدر مير  بابر خان لنڊ، سڪندر لاکو ۽ ٻيا پڻ سردار بنگل خان مهر سان گڏ هئا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.