هواوي پاران هارموني او ايس سان ليس موبائل فون متعارف ڪرائڻ جو اعلان

هارموني او ايس سان ليس فونز جي تياري هواوي موبائل سروسز سان مشروط آهي، يعني ڪمپني وڏي انگ ۾ ايپس کي پنهنجي ايپ گيلري جو حصو بڻايو آهي.

خيال رهي ته هواوي موبائل سروسز آمريڪي پابندين سبب گوگل پلي سروسز تائين پهچ ختم ٿيڻ تي متعارف ڪرائي وئي هئي.

هن وقت تائين هواوي ايپ گيلري ۾ 96 هزار ايپس کي شامل ڪري چڪي آهي جيڪي جولاءِ ۾ 81 هزار ۽ مارچ ۾ 60 هزار هيون.

هي به پڙهي سگهو ٿا:سام سنگ جو سڀ کان وڌيڪ طاقتور بيٽري وارو فون متعارف

ان جي ڀيٽ ۾ گوگل پلي ۽ ايپل ايپ اسٽور ۾ ايپس جو انگ لکن ۾ آهي.

پنهنجي ايڪو سسٽم ۾ وڌيڪ ايپس کي آڻڻ لاءِ هواوي هارموني او ايس 2. بيٽا ورجن جو اعلان ڪيو آهي جيڪو موبائل ڊولپرز لاءِ هلندڙ سال جي آخر تائين متعارف ٿيندو.

هواوي

ان مان اهو به اشارو ملي ٿو ته في الحال هواوي فونز تي اينڊرائيڊ آپريٽنگ سسٽم جو ئي استعمال ٿيندو.

هواوي جا نون  واهپيدارن لاءِ  انٽرفيس اي ايم يو آءِ 11 کي به ڊولپرز ڪانفرنس ۾ متعارف ڪرايو ويو، جيڪو اينڊرائيڊ تي ئي ڪم ڪندو پر ان اينڊرائيڊ 11 جي جاءِ تي اينڊرائيڊ 10 کي وڌيڪ ترجيح ڏني آهي.

هارموني او ايس 2.0 کي اڳ ۾ ٽيبليٽس، ڪار سسٽمز ۽ سمارٽ واچز جو حصو بڻايو ويندو.

هواوي جو آپريٽنگ سسٽم هن وقت 46 ڪروڙ ماڻهن تائين مختلف هارڊ ويئر ڊوائيسز ذريعي پهچي چڪو آهي ۽ هاڻ انتظاميا ان کي وڌائڻ چاهي ٿي.

هي به پڙهي سگهو ٿا:موٽورولا ”جي 9 پلس“ سمارٽ فون متعارف ڪرائي ڇڏيو

ان مقصد لاءِ هواوي چين ۾ هوم اپلائنسز تيار ڪندڙ ڪمپنين سان معاهدا به ڪيا آهن جن ۾ گاڏيون ٺاهيندڙ ڪمپنيون سرفهرست آهن.

هواوي سمارٽ واچز هلندڙ سال جي پهرين 3 مهينن ۾ مارڪيٽ جا 8.3 شيئر رکي پئي جيڪي گذريل سال جي ڀيٽ 2.8 سيڪڙو وڌيڪ آهن.

 

Leave A Reply

Your email address will not be published.