قاضي احمد : شھيد غلام عباس چانڊيو ميموريل ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جو افتتاح

شھيد غلام عباس چانڊيو ميموريل ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جو افتتاح ايم پي اي غلام قادر چانڊيو ء ڊپٽي ڪمشنر شهيد بينظير آباد ابرار احمد جعفر پاران ڪيو ويو، ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر ابرار احمد جعفر ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مونکي خوشي آهي ته اسان جي ضلع ۾ فقير ميانداد سيلاني جي ڪرڪيٽ گرائونڊ تي ڪرڪيٽ راند جو پهريون پروگرام ٿي رهيو آهي جنهن ۾ 12 ضلعن جون 28 ٽيمون حصو وٺي رهيون آهن ، ان کان اڳ ايم پي اي غلام قادر چانڊيو ميڊيا سان ڳالهائيندي  چيو ته هو ڪيترن ئي بندن ء ٻوڏ سٽيل علائقن جا دورا ڪري چڪو آهي ، اڄ به هو بندن جي دوري تي نڪتل هو جتان هتي پهتو آهي.

ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر قاضي احمد عبدالقدير گجر، حاجي خان لاکو، محمد رمضان لاشاري،صدر پريس ڪلب قاضي احمد عبدالمومن جوڻو ء ٻيا ڪرڪيٽ جا شوقين به موجود هئا .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.