جيڪب آباد ۾ چوڪيدار جو مٿي تي گولي لڳل لاش هٿ

جيڪب آباد (ڊ ر) جيڪب آباد جي صدر ٿاڻي جي حد جوڙيا چوڪ لڳ آئس فيڪٽري ۾ چوڪيدار جو ريپيٽر جي گولي لڳل لاش هٿ  آيو آهي صبح جو اطلاع تي صدر پوليس پهچي لاش کڻائي سول اسپتال مان پوسٽ مارٽم لاءِ آندو. ان سلسلي ۾ صدر پوليس ٻڌايو ته 27ورهين جو نوجوان آصف علي ولد مهر علي رند آئيس فيڪٽري جو چوڪيدار هو جنهن جي کي مٿي ۾ رپيٽر جو گولي لڳي آهي مقتول جي وارثن جو چوڻ آهي ته اسان جي ڪنهن سان دشمني ناهي جڏهن ته مقتول جي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد وارثن حوالي ڪيو ويو آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو ياد رهي ته ٽي سال اڳ ساڳي فيڪٽري ۾  چوڪيدار کي قتل ڪيو ويو هو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.