دادلغاري ۾ ناري تحفظ لاءِ ٿاڻي تي پهچي وئي

داد لغاري (ن ع آ)داد لغاري ويجهو ڳوٺ احمد علي پتافي جي رهواسڻ نوجوان ناري عابده پتافي گذريل رات دير سان گهران نڪري  تحفظ لاءِ داد لغاري ٿاڻي تي پهتي جتي ناري عابده پتافي پيءُ اربيلو پتافي تي تشدد ۽ قتل ڪرڻ جي ڪوشش جو الزام ڏيئي دانهون ڪندي رهي جنهن بعد داد لغاري پوليس ناري عابده پتافي جي فرياد تي ابتدائي رپورٽ درج ڪري اڄ سول ڪورٽ ۾ پيش ڪيو جتي سول ڪورٽ جي جج ناري عابده پتافي کي سيشن ڪورٽ گهوٽڪي ۾ پيش ڪرڻ جون هدايتون ڏيندي بنا بيان وٺڻ جي واپس ليڊيز پوليس جي تحويل ۾ ڏئي ڇڏيو ٻي طرف ناري عابده پتافي ٻڌايو ته مون تي پيءُ  اربيلو بنا جواز تشدد ڪندو هيو ۽ پيءُ مان جان جو خطرو هجڻ ڪري خوف کان رات دير سان گهران نڪري داد لغاري ٿاڻي تي تحفظ لا۽ پهتي آهيان.  هن چيو ته ايس ايس پي گهوٽڪي مون کي تحفظ ڏيئي منهجي زندگي بچائي ۽ منهجي خلاف ڪارروائي ڪري هوڏانهن رابطي ڪرڻ تي ايس ايڇ او داد لغاري محمد ابراهيم سومرو ٻڌايو ته ناري عابده پتافي پيءُ اربيلو پتافي تي تشدد ۽ قتل ڪرڻ جو الزام ڏيئي رهي آهي  جنهن جي رپورٽ درج ڪرڻ بعد سول ڪورٽ ڏهرڪي ۾ پيش ڪيو هو جتي سول ڪورٽ جي جج ناري کي سيشن ڪورٽ ۾ پيش ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون آهن جنهن کي اڄ سيشن ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويندو ٻي طرف ناري جي پيءُ اربيلو پتافي سان رابطي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي جنهن جو نمبر بند هجڻ ڪري رابطونه ٿي سگهيو .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.