جهڏو ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف شهري روڊن تي نڪري آيا، ڌرڻو

جهڏو (رپورٽ: اسحاق ساگر ڀٽي ) وارڊ 9-10-11 مير غلام حسين ڪالوني عيدل پاڙي سميت ٻين علائقن ۾ پيئڻ جي پاڻي  جي شديد کوٽ خلاف سوين شهرين مين مٺي __ ميرپورخاص روڊ بلاڪ ڪري احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي پبلڪ هيلٿ انتظاميا خلاف سخت نعريبازي ڪئي،  ان موقعي تي آغاز غلام رسول دراني، ۽ رمضان رند ۽ ٻين دانهيندي چيو ته  گذريل 15 ڏينهن کان مذڪوره علائقن ۾ پيئڻ جي پاڻي جي سپلائي بند هجڻ ڪري رهواسي سخت پريشانين کي منهن ڏيئي رهيا آهن، هنن چيو ته پاڻيءَ جي سپلائي بند هجڻ ڪري واٽر سپلائي جي لائينن ۾ برسات ۽ گٽرن جو پاڻي واپرائڻ سبب رهواسي مختلف وبائي بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويا آهن، جڏهن ته پبلڪ هيلٿ انتظاميا اسان جي علائقن ۾ هٿ راڌو پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ ڄاڻائي في ٽينڪر 1500 روپين ۾ وڪرو ڪري رهيا آهن، هنن چيو ته اسان لاڳاپيل انتظاميا کي بار بار شڪايتون ڪيون پر اسان جي ڪو به ٻڌڻ لاءِ تيار نه آهي، هنن وس وارن کان مطالبو  ڪيو ته نوٽيس وٺي  پيئڻ جي پاڻي جي سپلاءِ بحال ڪئي وڃي.

ريتي ڀرسان آبادگارن جو پاڻي کوٽ خلاف احتجاج

ريتي (ن ع آ) ريتي ڀرسان ٻيروٽا ۾ ريتي مائينر ۾ پاڻي جي ھٿرادو کوٽ خلاف آبادگارن پاران احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعري بازي ڪئي وئي، ان  موقعي تي  مظاھرين ۾ ربنواز شر، ستابو شر سچل شر ۽ ٻين دانهيندي چيو ته   گھوٽڪي فيڊر ۾ پاڻي ھوڻ باوجود به ريتي مائنير ۾ پاڻي جي ھٿرادو کوٽ ڪئي وڃي ٿي، هنن وڌيڪ ٻڌايو ته ايس ڊي او ۽ ريتي مائينر داروغو  پئسن عيوض پاڻي وڪرو ڪن پيا ۽ اسان جو سوين ايڪڙ ڦٽي جو تيار فصل سڙي رهيو آهي، هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي    پاڻي کي ٽيل تاتين پھچايو وڃي.

ڪوٽڙي ۾ پاڻي بندش خلاف پاڪ سرزمين پارٽي جو احتجاج

ڪوٽڙي ( ن ع آ ) ڪوٽڙي جي ميونسپل ڪميٽي ٻولهاڙيءَ  ۾ گذريل ٻن سالن کان پاڻي بند آهي جنهن سبب هزارين خاندان سخت تڪليفن کي منهن ڏئي رهيا آهن، خدا جي بستي ۽ ٻولگاڙي جي ٻين علائقن ۾ پاڻي بند هجڻ خلاف پاڪ سرزمين پارٽي پاران   احتجاج ڪيو ويو. پاڪ سرزمين پارٽي پاران ريلي ڪڍي خدا جي بستي ۽ ٻين علائقن ۾ پاڻي نه هجڻ خلاف ڊي سي آفيس آڏو مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي پاڪ سرزمين پارٽي جي اڳواڻن نعمت الله قريشي، رئيس راجا خان، حب علي مغيري ۽ ٻين چيو ته  خدا جي بستي جي عوام جو ٻن سالن کان پاڻي بند ڪري علائقي جي هزارين خاندانن کي پيئڻ جي پاڻي لاءِ  تڙپايو پيو وڃي. هنن ڊي سي ڄامشورو کان مطالبو ڪيو ته فوري طور تي علائقي واسين جو پراڻو ڏ بنيادي مسئلو حل ڪيو وڃي.

پکي ۾ نقلي ٻج سبب سارين جي فصل کي نقصان، آبادگار پريشان

پکو (ن ع آ)  قمبر ضلعي ۾ سارين جي نقلي ھائبرڊ چائنه ٻجن جي وڪرو سبب پکو ۽ آسپاس جو علائقو سخت متاثر ٿيو آھي , سوين ايڪڙن تي بيٺل ساريالو فصل چانور بجاء کس ٿي ويو آھي ان ڏس ۾ علائقي جون مختلف ديھون گھوگھارو ديھ , ديھ خيرپور جوسو , ديھ ڀولا ڪلھوڙا , ديھ رشيد وڳڻ , ديھ لائق پور ۽ ديھ رتوڪوٽ ۾ ساريالو فصل نيسر واري مرحلي ۾ داخل ٿيڻ شرط سنگن ۾ چانور بجاء خالي پاپڙ ٿي سنگ کس ٿي ويا آھن ان حوالي سان متاثر علائقي ۾ زرعي اسپري جي ڀرمار باوجود سنگ صحيح طريقي سان نسري چانور نه جھلي سگھيا آھن، ان حوالي سان  آبادگارن حاجي محمد عرس مغيري , عبدالحميد ميئو , شمن علي وڳڻ , بگن چانڊيو , بھادر علي , شاھنواز کونھارو , ذوالفقار مغيري , راحب چانڊيو , معشوق علي ٻين ٻڌايو ته قمبر ضلعي ۾ سارين جي آبادگارن سان ڊيلرن ظلم ڪيو آھي سارين جون نقلي جنسون ڏئي لکين روپين جو فراڊ ڪري آبادگارن کي فريو آھي، جنهن سبب لکين  رپين جو نقصان ٿيو آهي، هنن وس وارن کان  مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي  نقلي زرعي ٻج وڪرو ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪري نقصان جو ازالو ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.