سيشن جج جو شڪارپور اسپتال جو دورو، دوائن بابت پڇا

شڪارپور/سلطان ڪوٽ (نمائندن وٽان)  ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج شڪارپور مشتاق احمد ڪلوڙ سول اسپتال شڪارپور جو دورو ڪيو.  ان موقعي تي ٻارن واري ۽ جنرل وارڊ جي وزٽ پڻ ڪئي ۽ مريضن کان کاڌي ۽ دوائن جي ملڻ بابت پڇا ڳاڇا ڪئي. عورت   مريضن سيشن جج کي پوريون دوائون نه ملڻ ۽ کاڌو هڪ ويلو ملڻ جو ٻڌايو. ان موقعي تي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج کاڌي بابت ايم ايس کان پڇاڻو ڪيو. جنهن ٻڌايو ته هن وقت مريضن کي صرف هڪ ويلو کاڌو ڏئي رهيا آهيون، جنهن تي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ايم ايس ڊاڪٽر نورالدين ابڙو ۽ ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر ڊاڪٽر شبير احمد شيخ کي هدايت ڪئي ته مريضن کي 3 ويلا کاڌو ڏنو وڃي . ۽ اهو کاڌو ڊاڪٽرن جي صلاح مشوري سان ڏنو وڃي. ان سلسلي ۾ جيڪي ڊاڪٽر مريضن جو علاج ڪن ٿا، انهن جو هڪ پينل جوڙيو وڃي، جيڪي کاڌي جي لسٽ يا مينيو تيار ڪن ته جيئن مريضن کي پرهيز آهر کاڌو ملي سگهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.