گڏاپ ويجهو بنا وردي پوليس جي نوجوان تي فائرنگ، هاف فراءِ ڪرڻ بعد کنڀي گم

گڏاپ رپورٽر)ڪراچي ۾ سنڌ پوليس جا ڪارنامه گڏاپ جي نورخان ڳوٺ ۾ نماز جمع جي خطبي دوران نئين ڪراچي انڊسٽريل ايريا ٿاڻي جي سول ڊريس پاتل اهلڪارن جامع مسجد حنيفه ۾ داخل ٿي چوٿين صف ۾  ويٺل نوجوان فيصل ابڙي کي ڪالر پڪڙي مسجد کان ٻاهر ڪڍي کنڀڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ زبردستي موبائل ۾ ويهارڻ لڳا ته نوجوان جي مزاحمت ڪرڻ تي ڇتي فائرنگ ڪري نوجوان تي گوليون هلائي سخت زخمي ڪري ڇڏيو. زخمي نوجوان تڙپندو رهيو ۽ ان بعد زخمي نوجوان کي موبائل وجهي پاڻ سان گڏ کڻي ويا وارثن پاران عباسي شھيد اسپتال سميت ڪراچي سڀني اسپتالن ۾ جانچ وئي پر ڪٿي به زخمي نوجوان جي خبر نه پئي ان بعد زخمي جي وارثن ۽ رهواسين پاران گڏاپ پريس ڪلب پهچي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته نوجوان فيصل ابڙو شادي بعد نورخان ڳوٺ ۾ رهندڙ پنهنجي ڀاءُ سان ملڻ جي لاءِ آيو هو ڪالهه جمعي نماز پڙھڻ جي لاءِ مسجد ۾ ويو هو اتان اهلڪارن کڻي گم ڪري ڇڏيو هنن چيو ته اسان کي خدشوآھي ته زخمي کي ڪوڙو مقابلو ڄاڻائي ماري ڇڏيندا. هنن وزير اعليٰ سنڌ،آءِ جي سنڌ ۽ ٻين اختيارين کان مطالبو ڪيو ته انڊسٽريل ايريا نئين ڪراچي ٿاڻي جي پوليس خلاف ڪاروائي ڪري نوجوان جي وارثن کي انصاف فراهم ڪيو وڃي هوڏانهن اطلاع ملڻ بعد حد ٿاڻي  سهراب ڳوٺ جي ايس ايڇ او پهچي ڀرپاسي جي رهواسين مسجد امام کان به تفصيل ورتا ان جو چوڻ ھو ته اهڙي ڪاروائي جي حد ٿاڻي تي انڊسٽريل ايريا نئين ڪراچي ٿاڻي جي پوليس پاران ڪوبه اڳواٽ اطلاع نه ڏنو ويو ۽ ھن چيو ته اهو پوليس ايڪٽ خلاف ورزي آھي ۽ زخمي نوجوان جي مائٽن کي هن چيو ته اوهان ٿاڻي تي اچو ۽ انهن کي خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرايو هنن چيو ته اسان متاثر ڌر سان گڏ آھيون هوڏانهن اهي به چوٻول هلي رهيا هئا ته زخمي نوجوان فوت ٿي ويو آھي ان ڪري ان جي لاش کي لڪايو آھي هنن چيف جسٽس سنڌ ھائيڪورٽ ، وزيراعليٰ سنڌ آءِ جي سنڌ ۽ ٻين اختيارن کان مطالبو ڪيو ته عوام جو محافظ ئي عوام جي جان جو ويري بنجي وڃي ته اهڙن ڪارين رڍن خلاف محڪماتي ڪارروائي ڪري نوجوان فيصل ابڙو جي وارثن کي انصاف فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.