تلھار : کوسا برادري پاران بااثر ڌرين جي ناجائزين ۽ ظلم خلاف احتجاج

تلھار لڳ دڪو اسٽاپ تي کوسا برادري جي ماڻھن  پاران بااثر ڌرين جي ناجائزين ۽ ظلم خلاف احتجاج ڪيو ويو،  ڳوٺاڻن سلطان کوسو، ممتاز کوسو،ڪامريڊ عارب کوسو ۽ ٻين صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته بااثرن طاقت جي زور تي  سوزڪي ڊرائيور پورھيت محمد رفيق کوسو کي بنا جواز جي مارڪٽ ڪئي ۽کيس يرغمال بڻايو،  اطلاع ملڻ بعد پولس جي مدد سان بااثرن وٽان ڊرائيور ۽ سوزڪي کي بازياب ڪرائڻ لا۽ سرزمين پھتاسين جتي پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيو هو ،  ھاڻي بااثر سياسي سگھاريون ڌريون ڪيس تان ھٿ کڻائڻ لاءِ دٻاءُ وجهي رهيون آهن جڏھن ته رات جي اونداھي ۾ گھرن ڀرسان فائرنگ ڪري حيسائيندا رھن ٿا، هنن وڏي وزير ، آءِ جي سنڌ ، سيشن ڪورٽ ۽ ايس ايس پي بدين کي اپيل ڪئي آهي ته  بااثرن خلاف ڪارروائي ڪري انهن کي تحفظ ڏنو وڃي .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.