ملڪ ۾ هر ڏينهن 8 کان وڌيڪ ٻارن سان جنسي زيادتي جو انڪشاف

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ هلندڙ سال جي شروعاتي 6 مهينن دوران هر ڏينهن 8 کان وڌيڪ ٻارن سان جنسي زيادتيءَ جو انڪشاف ٿيو آهي.

پاڪستان ۾ ٻارن جو جنسي استحصال وڌندو پيو وڃي ۽ ٻارن جي حقن لاءِ ڪم ڪندڙ هڪ غير سرڪاري تنظيم ان ڏس ۾ رپورٽ جاري ڪئي آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته سڄي ملڪ ۾ هلندڙ سال جي شروعاتي 6 مهينن دوران هر ڏينهن 8 کان وڌيڪ ٻار زيادتي جو نشانو بڻيا ۽ سڀ کان وڌيڪ واقعا پنجاب صوبي ۾ پيش آيا آهن.

رپورٽ ۾ جنوري کان جون دوران زيادتي جو نشانو بڻجندڙ ٻارن جا انگ اکر شامل ڪيا ويا آهن ۽ اهي انگ اکر 84 اخبارن ۾ ڇپيل خبرن تي ٻڌل آهن.

رپورٽ ۾ چئني صوبن سان گڏوگڏ اسلام آباد، آزاد ڄمون ڪشمير ۽ گلگت بلتستان کي به شامل ڪيو ويو آهي.

غير سرڪاري اداري جي رپورٽ موجب شروعاتي 6 مهينن ۾ پاڪستان ۾ 497 ٻارن کي زيادتي جو نشانو بڻايو ويو، جڏهن ته ان عرصي دوران 227 ٻارن سان زيادتي جي ڪوشش ڪئي وئي.

پاڪستان ۾ 6 مهينن دوران 173 ٻارن کي اجتماعي زيادتي جو نشانو بڻايو ويو، جڏهن ته جون تائين سڄي ملڪ ۾ 331 ٻارن کي اغوا ڪيو ويو.

انگن اکرن موجب هلندڙ سال جي 6 مهينن دوران 38 ٻارن کي زيادتي کانپوءِ قتل ڪيو ويو، 53 سيڪڙو ڇوڪرين ۽ 47 سيڪڙو ڇوڪرن سان زيادتي ڪئي وئي، 57 سيڪڙو واقعا پنجاب ۽ 32 سيڪڙو واقعا سنڌ ۾ رپورٽ ٿيا.

ٻارن سان زيادتي جا 6 سيڪڙو واقعا خيبر پختونخواهه، 22 ڪيس بلوچستان، 10 آزاد ڪشمير ۽ هڪ گلگت بلتستان ۾ رپورٽ ڪيو ويو آهي.

رپورٽ موجب 62 سيڪڙو ڪيس ٻهراڙين ۽ 38 سيڪڙو ڪيس شهرن ۾ رپورٽ ٿيا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.