عمر شيخ کي هٽائڻ حڪومت ۽ وڏي وزير جو اختيار آ: راجا بشارت

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي قانون واري وزير راجا بشارت لاهور موٽر وي واقعي تي سي سي پي او جي بيان کي نامناسب قرار ڏيندي چيو آهي ته حڪومت ۽ وڏو وزير ان مطالبي کان آگاهه آهن ته عمر شيخ کي لاٿو وڃي ۽ اهو انهن جو اختيار آهي ته انهن کي ڇا ڪرڻو آ.

راجا بشارت جي سربراهي ۾ پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار جي قائم ڪيل خاص ڪميٽي واردات واري هنڌ جو دورو ڪيو ۽ پوليس آفيسرن کان بريفنگ ورتي.

ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي راجا بشارت چيو ته اهو هڪ اهڙو واقعو آهي، جنهن جو ڪو ثبوت ناهي، تنهن ڪري ان کي اڳتي کڻي هلنداسين، اهو ڪيس پنجاب حڪومت ۽ لاهور پوليس لاءِ چئلينج آهي، اصل جوابدارن تائين پهچي انهن کي سزا ڏياري ويندي.

هن چيو ته فرانزڪ شاهديون گڏ ڪيون ويون آهن، جنهن جي رپورٽ جلد اچي ويندي، متاثر عورت جو ميڊيڪل ٿي چڪو آهي ۽ ڊي اين اي به ورتو ويو آهي، اسان جو اصل مقصد اصل جوابدارن تائين پهچڻ آهي.

سندس چوڻ هو ته عوام جي حفاظت اسان جي ذميواري آهي، حڪومت طرفان ڪنهن قسم جي ڪسر نه ڇڏي ويندي، جيترو عام عوام کي ڏُک پهتو آهي، ايترو ئي وڏي وزير ۽ صوبائي حڪومت کي به پهتو آهي.

راجا بشارت چيو ته مان سي سي پي او جي بيان سان اتفاق نٿو ڪيان، هن مناسب بيان نه ڏنو، هن وقت اسان جو سڄو ڌيان جوابدارن جي گرفتاري تي آهي، هن وقت جيڪڏهن انتظامي معاملن ۾ وچڙنداسين ته اصل هدف حاصل نه ڪري سگهبو، حڪومت ۽ وڏو وزير ان مطالبي کان آگاهه آهن ته عمر شيخ کي لاٿو وڃي ۽ اهو انهن جو اختيار آهي ته انهن کي ڇا ڪرڻو آ.

واضح رهي ته سي سي پي او لاهور ان واقعي تي چيو هو ته عورت رات جو ساڍي 12هين وڳي ڊفينس کان گوجرانوالا وڃڻ لاءِ نڪتي، حيران آهيان ته اها 3 ٻارن جي ماءُ آهي، اڪيلي ڊرائيور آهي، توهان ڊفينس مان نڪتا آهيو ته جي ٽي روڊ جو سڌو رستو وٺو ۽ گهر هليا وڃو، جيڪڏهن توهان موٽر وي ڏانهن نڪتا آهيو ته پنهنجو پيٽرول چيڪ ڪري وٺو.

سي سي پي او جي اهڙي موقف تي عوام سخت تنقيد ۽ ان کي هٽائڻ جو مطالبو ڪري رهيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.