”پاڪستان ۾ جيڪڏهن هڪ قانون آهي ته سڀني کي جواب ڏيڻو پوندو“

ميرپور خاص(ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ آهي ته ڪيس سنڌ جو آهي ۽ ٽرائل پنڊي ۾ ٿي رهيو آهي اسان اڄ تائين ان ڳالهه تي اعتراض واري رهيا آهيون ۽ نيب کي اڳوڻي صدر سان اهڙو سلوڪ نه ڪرڻ گهرجي.

ميرپور خاص ۾ پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پريس ڪانفرنس جي دوران چيو ته ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ ٽيمون موجود آهن، ڪراچي جي مينهن ۽ صورتحال سڀني ڏيکاري پر ميرپور خاص کي ڪنهن به نه ڏيکاريو، سڄو ميرپور خاص  ٻوڏ سبب ٻڏيو پيو آهي جڏهن ته ڪراچي ۾ مينهن بيهي ويو هو تڏهن به هتي مينهن وسي رهيو هو، سنڌ ۾ ڪچي جي علائقن جي ماڻهن کي منتقل ڪيو آهي جهڙي ريت ڪراچي معيشت جو حب آهي اهڙي طرح زراعت معيشت جي ڪرنگهي جي هڏي آهي.

بلاول ڀٽو چيو ته مينهن سبب سنڌ ۾ گهڻو نقصان ٿيو، سنڌ ۾ 25 لک ماڻهن مينهن مان متاثر ٿيا، ماڪڙ، ڪورونا ۽ مينهن غريب ماڻهن کي متاثر ڪيو، وزير اعظم کي سڄي پاڪستان ۾ متاثرن سان گڏ نظر اچڻ گهرجي.

بلاول ڀٽو زراعت ايمرجنسي ڊڪليئر ڪري هارين کي ريليف رسائڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته پي ٽي آءِ منشور ۾ زراعت ايمرجنسي شامل هئي جيڪا هن وقت تائين ناهي لڳي، توهان سنڌ اچي پنج ڪلاڪن جي ٽرپ هڻي واپس نه وڃي، سنڌ جي وڏي وزير ۽ هن جي ٽيمن جيان هتي اچي ويهي، مينهن سبب بلوچستان ۾ به نقصان ٿيو آهي، عمران خان ڪپتان بڻجي ٻوڏ متاثرن جي مدد ڪري، اسان کي ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو، ڏکئي وقت ۾ عوام جو ساٿ ڏيڻو پوندو، ٻوڏ متاثرن کي اهڙي طرح اڪيلو نٿا ڇڏي سگهون، عمران خان جو منشور ٻه نه پر هڪ پاڪستان هو، اسان جي ملڪ جي غريب ماڻهن جي چيلهه ٽٽي پئي آهي، اين ڊي ايم اي سڄي ملڪ جي آهي.

 مختلف ريفرنسز بابت بلاول ڀٽو چيو ته آصف زرداري کي اسلام آباد ۾ نيب جي عدالت ۾ گهليو پيو وڃي. واضح نظر پيو اچي ته هڪ نه ٻه پاڪستان آهن، اربين کربين چئي بدنام ڪيو پيو وڃي، ڪيس سنڌ جو آهي ۽ ٽرائل پنڊي ۾ ٿي رهيو آهي اسان اڄ تائين ان ڳالهه جي اعتراض واري رهيا آهيون، ڪرپشن جا الزام لڳا ته پيءُ پٽ لنڊن ۾ ڪرڪيٽ انجوائي ڪري رهيا آهن. آصف زرداري تي الزام آهي جيڪا تحفا مليا انهن تي پيسا ادا ناهن ڪيا ويا. سمورا ڪيس سياسي ۽ مذاق کان سواءِ ڪجهه ناهي، توشه خانه ريفرنس اهڙو آهي جيئن ايس ايڇ او ڪوڙو الزام هڻي ظلم ڪري.

بلاول چيو ته نيب کي اڳوڻي صدر سان اهڙو سلوڪ نه ڪرڻ گهرجي، هڪ خاص مددگار سپر ڊوپر آهي جنهن کان حساب نٿو وٺي سگهجي. مخالف ڌر ڪيس ڀوڳي رهي آهي ته انهن جو حساب ڏيڻو پوندو، پاڪستان ۾ جيڪڏهن هڪ قانون آهي ته سڀني کي جواب ڏيڻو پوندو، هڪ اسپيشل اسسٽنٽ ٽي وي اچي ڪرپشن جو راڳ آلاپڻ آهي حسان ٿيڻ ته سڀني جو ٿيڻ آهي اِهو ڀوڳ بند ٿيڻ گهرجي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.