وفاق ڪراچي لاءِ 3 سالن ۾ رڳو 103 ارب ڏيندو: مرتضيٰ وهاب

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته وفاقي حڪومت عملي طور ڪراچي ٽرانسفارميشن پلان تحت 3 سالن ۾ رڳو 103 ارب رپين جي رقم ئي ادا ڪندو.

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مرتضيٰ وهاب چيو ته وزيراعظم جي ڪراچي جي دوري دوران ملاقات ۾ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کيس برساتن سبب عوام جي ڏکيائين کان آگاهه ڪيو هو، وڏي وزير، وزيراعظم کي گذريل ڏينهن خط لکي ٻڌايو ته برساتن سبب 25 لک ماڻهو متاثر ٿيا آهن، 10 لک ايڪڙ زمين متاثر ٿي ۽ 15 هزار ڳوٺ پاڻي هيٺ آيا آهن، 2010 ۽ 2011 ۾ جيئن وفاق صوبائي حڪومت جي ڏکئي وقت ۾ مدد ڪئي هئي، چاهيون ٿا هن ڀيري به وفاق سنڌ جي مدد ڪري.

هن چيو ته سنڌ حڪومت وفاق سان زرعي قرض معاف ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي آهي، صوبائي حڪومت وفاق جي مدد جي طلبگار آهي، ماضي جي ڳالهه ڪيون ته فيبروري 2019 ۾ عمران خان ڪراچي لاءِ 162 ارب رپين جو اعلان ڪيو هو پر هن پنهنجو واعدو اڃا تائين نه پاڙيو.

سندس چوڻ هو ته وفاق ۽ سنڌ ملاقات دوران گڏجي هڪ منصوبو تيار ڪيو هو ته ڪير ڪهڙو ڪم ڪندو، پاڪستان جي مالي حالتن کي ڏسندي ڪنهن به اعلان تي ان وقت تائين عمل نٿو ٿي سگهي، جيستائين مالي اسپيس موجود نه هجي ۽ ان لاءِ عالمي ادارن سان ڳالهه ٻولهه هلي رهي آهي.

مرتضيٰ وهاب موجب وڏي وزير گذريل هفتي خميس ڏينهن پريس ڪانفرنس ڪري 802 ارب رپين جو انتظام ڪرڻ جي حوالي سان تفصيل ٻڌايا هئا، ان کانپوءِ ڇنڇر ڏينهن وزيراعظم سان سٺي ماحول ۾ ملاقات ٿي، جنهن ۾ 11 کرب رپين جي پيڪيج جو اعلان ڪيو ويو، وزيراعظم جي اهڙي اعلان وقت اتي صحافي موجود نه هئا، پوءِ صحافين سوال ڪيو ته ڇا 800 ارب سنڌ حڪومت ڏئي رهي آهي ۽ 11 کرب رپيا وفاق ته مختلف دعوائون سامهون آيون پر ٻڌائيندو هلان ته وفاق کي عملي طور ڪراچي لاءِ 3 سالن ۾ رڳو 103 ارب رپيا ڏيڻا آهن.

صوبائي حڪومت جي ترجمان چيو ته وفاقي حڪومت ڪراچي سرڪلر ريلوي جي بحالي تي ڪم پنهنجي کاتي ۾ وجهي رهي آهي، جنهن جو ڪاٿو 300 ارب رپيا آهي، ڪي سي آر، سي پيڪ جو حصو آهي ۽ اهو وڏي وزير جي درخواست تي منظور ٿيو هو، مراد علي شاهه ڪراچي سرڪلر ريلوي جي حوالي سان وزيراعظم کي 4 خط لکيا آهن ۽ چيو آهي ته ان منصوبي کي بنا دير ترجيح ڏني وڃي، ڪي سي آر کي سي پيڪ ۾ شامل ڪرڻ جي محنت مراد علي شاهه ڪئي هئي ۽ وفاق طرفان ان جو ڪريڊٽ کڻڻ ٺيڪ ناهي.

هن چيو ته بحريا ٽائون ڪيس جا پئسا سنڌ جي عوام جا آهن، اسان تقريبن 2 سال اڳ سپريم ڪورٽ ۾ رقم منتقلي جي درخواست ڏني هئي ته جيئن ترقياتي ڪم ڪرائي سگهون پر وفاقي حڪومت پئسي تي پنهنجي دعويٰ ڪندي الڳ درخواست داخل ڪرائي.

پريس ڪانفرنس دوران مرتضيٰ وهاب ترقياتي منصوبن جو پڻ اعلان ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.