هڪ ڏينهن جي برسات ۽ حيدرآباد

مقبول ملاح

سنڌ ۾ مون سون جون برساتون جاري آهن، جتي برسات سبب ٿر جا منظر ڏسڻ وٽان آهن، هزارن جي تعداد ۾ هر روز سياح ڪارونجهر گهمڻ اچن ٿا، ٿر ۾ هن وقت ميلا متل آهن، سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ رهندڙ ٿري ٿر ۾ هلندڙ برسات سبب هو بيچين آهن ته  ٿر پهچن ۽ ڪيترائي ٿري پنهنجي وطن پهچي چڪا آهن، اتي وري ان جي ابتڙ ڪاڇي جا ماڻهو بي گهر ٿي ويا آهن، برسات سبب نئين گاج جي تيز وهڪرن سوين ڳوٺن کي ٻوڙي ڇڏيو، ماڻهن جا گهر تباهه ٿي ويا، هو صرف پنهنجي زندگي بچائي الهه تلهه ڇڏي بي يارو مددگار ويٺا آهن.  ٿر بابت چوڻي آهي ته “وسي ته ٿر نه ته بر ئي بر” جيڪو اسان کي نظر اچي پيو، ڪارونجهر جا جبل سائي گاهه سان ڍڪجي ويا آهن، جڏهن ته ڪاڇي لاءِ چوڻي آهي ته “ٻڏيءَ جا ٻيڻا” بلڪل جڏهن پاڻي ڪاڇي مان نڪري ويندو ۽  ڪاڇي جون زمينون آباد ٿينديون ته سندن نقصان جو ازالو ٿيندو.

گذريل هڪ مهيني کان مون سون جون برساتون هلندڙ آهن، ان دوران حيدرآباد ۾ ڪڏهن رم جهم ته ڪڏهن سخت گرمي رهي ۽ گرمي دوران ڪلاڪن جا ڪلاڪ بجلي غائب هئڻ ڪري شهرين جو جيئڻ جنجال رهيو، حيدرآباد شهر، قاسم آباد توڙي لطيف آباد ۾ ڊگهي لوڊشيڊنگ ڪري ماڻهن جو احتجاجن روڊ بلاڪ ڪرڻ معمول جو حصو بڻجي ويو، جنهن ڪري نه صرف لوڊ شيڊنگ متاثر شهري پر روڊ بلاڪ هجڻ ڪري مختلف شهرن کان آيل ماڻهو به پريشان رهيا، ايتري تائين جو ايمبولينس کي به رستو ملڻ مشڪل ٿيو.

هڪ مهيني جي مسلسل گهٽ ۽ ٻوسٽ کانپوءِ گذريل ڏينهن حيدرآباد ۾ 135 کان 141 ملي ميٽر تائين برسات پئي،  جنهن دوران حيدرآباد شهر، ٻهراڙي، قاسم آباد توڙي لطيف آباد جا اڪثر علائقا ۽ قديمي ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا، خاص ڪري هيٺائين وارن علائقن ۾ پاڻي ماڻهن جي گهر ۾ داخل ٿي ويو، جنهن ڪري ماڻهو پنهنجا گهر ڇڏي محفوظ جاين ڏانهن نڪري ويا. برسات جو هي سلسلو لڳ ڀڳ شام جو 5 وڳي شروع ٿيو، جيڪو سڄي رات جاري رهيو ۽ صبح تائين هلندو رهيو.

موسميات کاتي طرفان گذريل هڪ مهيني کان اها اڳڪٿي ڪئي پئي وئي ته سڄي سنڌ ۾ تيز هوائن سان گڏ برساتون پونديون، ۽ سنڌ جي اڪثر علائقن ۾ برسات پوندي به رهي، جنهن جو مثال، ٿر، ڪاڇو توڙي ڪراچي آهي، ٿر وسڪاري سبب خوبصورت ٿي ويو، پر ڪاڇي ۽ ڪراچي جا هال اسان سڀني جي سامهون آهن، پر تنهن هوندي به حيدرآباد جي ضلعي انتظاميه ان طرف ڪوبه توجهه نه ڏئي رهي هئي، نه ڄاڻ ڇو.؟

هڪ رپورٽ موجب ڪراچي شهر ۾ آگسٽ مهيني دوران سانوڻي جي سسٽم تحت برساتن جو 89 سال پراڻو رڪارڊ ٽٽي پيو.موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ هن ڀيري 1931 کانپوءِ سڀ کان وڌيڪ برسات 345 ملي ميٽر رڪارڊ ڪئي وئي آهي. جاري ڪيل انگن اکرن موجب ايئرپورٽ تي موجود آبزرويٽري جو اڳوڻو رڪارڊ 262.5 ملي ميٽر ۽ مسرور بيس جو رڪارڊ 272 ملي ميٽر آهي، جيڪو به تازين برساتن ۾ ٽٽي پيو آهي.

حيدرآباد ۾ هڪ ڏينهن برسات پئي، جنهن کي 2 ڏينهن گذري چڪا آهن، پر اڃان تائين پاڻي جي نيڪال جو ڪوبه بندوبست نه ڪيو ويو آهي، ڪيترائي علائقا اڃان تائين پاڻي هيٺ آهن، بلڪه ڪيترين ئي علائقن ۾ گهرن ۾ به پاڻي موجود آهي،  ايتري تائين جو حيدرآباد ٻهراڙي جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ پاڻي جي نيڪال نه ٿيڻ ڪري ڳوٺاڻا سخت پريشان آهن، ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته اڳ يوسي چيئرمين پاڻي نيڪال ڪرڻ ۾ سرگرم هوندا هئا، پر هن برساتن ۾ چيئرمينن جو مدو پورو ٿيڻ وارو آهي، جنهن ڪري پاڻي نيڪال جو بندوبست نه ٿو ڪيو وڃي، جن ڳوٺن ۾ اثر رسوخ آهي، اتي پاڻي نيڪال جو بندوبست ته ڪيو ويو آهي، پر اهڙا ڳوٺ تمام گهٽ آهن.

برسات جو پاڻي فورن نه نڪتو ته گندگي سبب بيماريون منهن ڪڍنديون، ڇاڪاڻ ته برساتي پاڻي جيترو وڌيڪ بيهندو اوترو ئي بدبو ۽ بيمارين جو سبب بڻجندو، جنهن سان شهرين جي مسئلن ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو، تنهنڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته برساتي پاڻي جي فوري نيڪالي کي هر صورت ۾ يقيني بڻايو وڃي. جيتوڻيڪ ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد محمد عباس بلوچ لاڳاپيل اختيارن کي خبردار ڪيو آهي ته پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي جي مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي، جڏهن ته ڪوتاهي ۾ ملوث ملازمن خلاف سخت ايڪشن کنيو ويندو، پر تنهن هوندي به اڃان تائين اهي خاطرخواهه نتيجا نه مليا آهن.

موسميات کاتي هڪ دفعو ٻيهر خبردار ڪيو آهي ته 29 کان 30 آگسٽ دوران هڪ ٻيو مون سون سسٽم سنڌ ۾ برسات وسائي سگهي ٿو، برسات جو سبب اتر اوڀر عرب سمنڊ ۾ موجود ٽرف (هوا جو جزوي گهٽ دٻاءُ) جو ٻيهر سرگرم ٿيڻ آهي. هاڻي ضلعي حڪومت کي گهرجي ته صرف ادارن کي خبردار نه ڪري بلڪه برساتي پاڻي جي نيڪال کي يقيني بڻائي ۽ برساتي پاڻي جي نيڪال وارا لنگهه صاف رکي ته ايندڙ برسات جو پاڻي به نڪري وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.