برساتن ٿرين کي جيئاري ڇڏيو

غازي بجير

ٿر ۾ لڳاتار برساتون پوڻ بعد مارئي جو ملڪ ملير ٿي ويو آهي، هر طرف خوبصورت منظر ڏسڻ وٽان آهن، ٿر جي سمورن شهرن مٺي، اسلام ڪوٽ، ڏيپلو، ڪلوئي ۽ ڇاڇرو ۾ برساتن ماروئڙن کي صفا جيئاري ڇڏيو آهي، جنهن بعد ٿري ٻنيون پوکي همرچا جهونگاري رهيا آهن، 10 آگسٽ کان هيل تائين لکين سياح ڪارونجهر گهمڻ پهتا، جنهن سبب ڪارونجهر سميت قديمي ماڳن تي ميلا متل آهن، سياحن جي تمام گهڻي رش لڳل آهي، سنڌ جو اهم ثقافتي ماڳ ڪارونجهر لاوارث، حڪومت وارثي نه ڪئي.

سنڌ جي اهم تفريح گاهه ڪارونجهر کي سول سائٽي، سماجي اڳواڻن، اديبن پاران نيشنل پارڪ جو درجو ڏيڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي. 28 ڪلوميٽر تي پکيڙ رکندڙ سياحتي مرڪز ڪارونجهر جبل جيڪو گرينائيٽ پٿر، چائينا ڪلي سميت جبل اندر مختلف قسمن جا پهاڙ ۽ منفرد معدنيات موجود آهي، پر سرڪاري سطح تي هن خطي جي خوبصورتي کي قائم ۽ برقرار رکڻ لاءِ ڪي به اُپاءُ ناهن ورتا ويا، جنهن سبب ڪارونجهر کي ڪٽي اُنهي جي قيمتي گرنيائيٽ جو پٿر اڄ به چوري ڪري کڻڻ جو سلسلو جاري آهي، جنهن سبب هزارين سال پُراڻي ثقافت جو مرڪز ڪارونجهر جنهن جو وجود خطري ۾ پئجي ويو آهي.

ڪارونجهر جي هنج ۾ جين درم قديمي سنگ مرمر جي پٿرن سان ٺهيل آهن ۽ ڀوڏيسر جي مسجد به 1805 هجري ۾ ٺهي، جيڪو سنگ مرمر جي خوبصورت پٿرن سان جُڙيل آهي، ڪارونجهر قيمتي معدنيات سان مالامال هڪ خوبصورت خطو آهي، پر سنڌ حڪومت سميت وفاقي حڪومت هن طرف ڪو به ڌيان ناهي ڏنو، جنهن سبب ڪارونجهر جو وجود ۽ هتان جي ثقافت خطري ۾ پئجي وئي آهي.

برساتن کان پوءِ هتي پهتل سياحن، اديبن، دانشورن، وڪيلن، سماجي اڳواڻن ۽ شاعرن جو خيال آهي ته ڪارونجهر جبل هڪ ڌيومالائي پهاڙ آهي، جيڪو نسشنل پارڪ جي درجي تي پورو لهي ٿو، شرخ چمڪيلي گرينائٽ جي هن جبل جو صبح سوير الڳ ۽ شام جو وري الڳ رنگ منظر هوندو آهي، ننگرپارڪر کان ويراواهه تائين علائقي ۾ ناياب جڙي ٻوٽيون ملن ٿيون، جيڪي ڪيترين ئي بيمارين جو علاج آهن، ڪارونجهر سمورو سون آهي، جنهن کي سنڀالي حفاظت ڪئي وڃي ته هڪ تاريخي ماڳ بڻجي سامهون اچي سگهي ٿو، حڪومت ڌيان ڏئي ۽ ڪارونجهر کي نيشنل پارڪ جو درجو ڏنو وڃي. ڪارونجهر جبل مان پاڻي جا چشما وهن ٿا، انتهائي قيمتي پٿرن سميت معدنيات سان مالامال هن ماڳ جيڪو سرڪار جي بي ڌياني سبب خطرن جي گهيري ۾ اچي ويو، ڪارونجهر کي ڪوري اُنهيءَ جو قيمتي پٿر مسلسل چوري ڪري کنيو پيو وڃي، پر سنڌ جي سونهن سان ٿيندڙ هٿ چُراند خلاف حڪومت ڪوبه ايڪشن ناهي کنيو، جنهن سبب هن خطي جي سونهن جو مرڪز بڻيل خوبصورت ماڳ ڏينهون ڏينهن پنهنجي اصل سُڃاڻپ وڃائي رهيو آهي.

وسڪاري واري موسم ۾ جڏهن برسات جون ڪڻيون ڪارونجهر تي ڪرن ٿيون ۽ هن پهاڙن تي سائي چادر ويڙجي وڃي ٿي ته نه صرف سنڌ پر سڄي ملڪ مان لکين سياح ڪارونجهر جو درشن ڪرڻ لاءِ پهچن ٿا، ملڪ جي ڪنڊڪُڙڇ مان سياحن کي ڪارونجهر جي سِڪ ڇڪي ايندي آهي، ننگرپارڪر ۾ سهولتن جي کوٽ باوجود گهمڻ ايندڙ ماڻهو هن موسم ۾ هرسال اچن ٿا، پر اُنهيءَ جي باوجود حڪومت هن قديمي ماڳ کي دنيا ليول تي متعارف ڪرائڻ بابت سوچيو ئي ناهي، ڪارونجهر جي هنج ۾ اهم قيمتي ديسي جڙي ٻوٽيون ملن ٿيون، جيڪي شُگر، بلڊ پريشر، معدي جي تڪليف، دم، پٿري، جيري، جوڙن، سندن جي سور، وار ڪرڻ، ٻي ڪمزوري سميت ڪيترين ئي بيمارين جو علاج ٻُڌايو وڃي ٿو، اُتان جا رهواسي جبل مان جڙي ٻوٽيون چونڊي اچي وڪرو ڪن ٿا ۽ هُو ڏندن جي سور سميت مختلف بيمارين جون ٺاهيل ڦڪيون اُتي ئي مريض کي آزمائش بعد ڏيندا آهن.

ڪارونجهر جبل جي هنج ۾ ڪيترائي ننڍا ڊيم ته ٺاهيا ويا آهن، پر غلط پلاننگ ۽ ناقص ڪم سبب اهي ڀڄي ڀُري ختم ٿي ويا، جن جي ٻيهر ڪا وارثي ئي نه ڪئي وئي، هن وقت به مختلف هنڌن تي ٺهندڙ ڊيمن جي ڪمن ۾ حيدرآباد يا ڄامشوري بدران ڪارونجهر جو پٿر ملايو پيو وڃي ۽ ٺيڪيدار انهيءَ مان لکين روپيا بچائي ڪرپشن ڪرڻ ۾ مصروف آهن، ڊيم غلط پلاننگ تحت ٺهيل هجڻ ڪري برساتن جو پاڻي جمع ٿيڻ بدران رڻ ۾ ضايع ٿي رهيو آهي، ڪارونجهر جي وارثي ته پري پر ننگرپارڪر جو روڊ ڪيترن ئي سالن کان مرمت نه ٿيڻ ڪري ڀڄي ڀُري ختم ٿي ويو آهي، ڳوٺ آڏي جو تڙ کان ننگرپارڪر تائين 80 ڪلوميٽر روڊ جيڪو مڪمل طور تباهه ٿي ويو آهي، جنهن ۾ کڏا پئجي چڪا آهن، روڊ هنڌان هنڌان اُکڙي ويو آهي، جنهن سبب ٽريفڪ هلڻ مشڪل ٿي وئي آهي، روزاني حادثا معمول بڻيل آهن، ڄاڻايل روڊ ارباب رحيم جي دور ۾ ٺهيو، جنهن بعد پ پ حڪومت دوران مختلف وقتن تي روڊ جي مرمت جي آڙ ۾ ڪروڙين روپيا جاري ڪري هڙپ ڪيا ويا آهن، پر روڊ جي حالت تمام گهڻي خراب آهي، اسلام ڪوٽ کان ننگرپارڪر مُني ڪلاڪ جو سفر آهي، پر روڊ ٽُٽل هجڻ ڪري ٻن ڪلاڪن ۾ به سفر مشڪل سان طئي ٿئي ٿو، هيڏي وڏي تفريحي ماڳ کي هن وقت مالڪي جي سخت ضرورت آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.