ٻڏل ماروئڙا ۽ ڀوائتا ڀوتار

خالد شاهاڻي

آگسٽ ستين تاريخ تي جڏهن آسمان مٿان بادلن جي ڪارونڀار ٿيڻ لڳي ۽ ڏسندي ئي ڏسندي سڄو آسمان ڪارن ڪڪرن جي چادر ۾ ويڙهجي ويو، ان ويل سڄي ڪاڇي واسين وانگر منهنجي ڳوٺ جي مسڪين ماروئڙن جي دل ۾ به اها ئي اميد جاڳي پئي ته هاڻ ڪرم جا ڪڪر وسي پوندا ۽ بر ٿر بهاريون ٿي پونديون، مسڪين ماروئڙن هر سنباهڻ جون تياريون شروع ڪري ڏيندا. غريب مسڪين ماروئڙا پنهنجون ۽ هارپي تي زمينون کيڙي پنهنجي پيٽ گذر جهڙا ٿي پوندا، پر ڪنهن کي اها خبر ڪا نه هئي ته اها برسات گهڻن کي فائدو ڏيڻ سان گڏوگڏ ڪيترن ئي مسڪين ماروئڙن جا جهڳا جهڻ ڪري ڇڏيندي.

خبر ئي ڪا نه پئي کنوڻين جي چمڪاٽ ۽ گوڙن جي گڙڪاٽ ۾ اچانڪ تيز برسات جو وسڪارو شروع ٿي ويو ۽ برسات ڪنهن هڪ اڌ ڳوٺن ۾ نه پئي بلڪي سڄي ڪاڇي ۾ هڪجهڙي ئي هلندي رهي، جبلن تي ڪجهه ڪلاڪن جي وسڪاري کانپوءِ جابلو نئيون جن ۾ نئين نئينگ، نئين انگئي، نئين نلي، نئين گاج سميت ٻيون نئيون جبلن تان تمام تيز وهڪري سان لهنديون آيون، سڀ کان وڌيڪ پاڻي ڪاڇي جي وڏي ۽ تيز رفتاري جي ڪري خطرناڪ نئين طور سڃاتي ويندڙ گاج نئين جو هو، جنهن کي 32 فوٽ ٻڌايو ٿو وڃي، تمام گهڻو پاڻي هجڻ سبب نئين گاج پنهنجي ڊيم کي به ٽوڙي ڇڏيو، ائين نئين گاج جو پاڻي تيزي سان پنهنجي قدرتي لنگهن سان هٿ چراند ڪندڙ ڳوٺاڻن جي ڳوٺن کي ٻوڙيندو ۽ غير قانوني ڏنل بندن کي ٽوڙيندو اڳتي وڌندو رهيو. ڏسندي ئي ڏسندي سڄو ڪاڇو نيئن گاج جي ٻوڏ جي ورچڙهي ويو.

ايتري برسات ٿي ۽ پاڻي آيو جو ڪاڇي جا ڳوٺن جا ڳوٺ ٻڏي ويا، نئين گاج جي  تيز وهڪرن ڪيترن ئي مسڪين ماروئڙن جا غريباڻا ڪکاوان گهر ۽ منهون ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيون، مسڪين ماڻهو ويچارا هن مهل تائين ڪا واهر نه ٿيڻ سبب کلي آسمان هيٺ ويٺل آهن، ڪيترن ئي مالوند ماروئڙن جو مال پڻ نئين گاج جي وهڪرن ۾ لڙهندو رهيو، جيڪو مال سندن جي سڄي زندگي جي جمع پونجي هئي، ماڻهو پنهنجي جان بچائڻ ۾ پورا ٿي ويا، سندن مال متاع پاڻي ۾ لڙهي ويو، ڪيترائي منهنجا ماروئڙا نئين گاج جي وهڪرن ۽ ڇولين جي نذر ٿيڻ سبب پنهنجين حياتين تان پڻ هٿ ڌوئي ويٺا ۽ ائين نئين گاج جي قهري وهڪرن منهنجي ڪاڇي ۽ اتان جي مسڪين ماروئڙن کي دردن جو داستان بنائي ڇڏيو.

جن ماڻهن هڪ سال کان وٺي برسات لاءِ پنهنجي آسمان ڏانهن نهاريو سي ته برسات مان ائين ڦاٿا جو گهر ٻڏي وڃڻ بعد ڪاڇي واسين وڻن تي چڙهي پنهنجون زندگيون بچايون، جوهي ۾ لڳاتار پاڻي لاءِ احتجاج ڪندڙ ڪاڇي واسين لاءِ برساتي پاڻي عذاب بڻجي ويو ۽ پاڻي ۾ سڄو ڪاڇو ٻڏي تباهه و برباد ٿي ويو. مون ته حيرانگي آهي انهن بي حس حڪمرانن جي رويي تي جن ڪاڇي واسين سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪيو، هن مصيبت واري گهڙي ۾ به افسوس جو چونڊيل نمائنده ۽ ڀوتار اگهور ننڊ ستل ئي رهيا ۽ ٻوڏ جي پاڻي ۾ ڦاٿل مسڪين مارو بندن تي بي يارو مددگار ويٺا رهيا. نااهل حڪومتي نمائنده انهن تائين ٻيڙيون به نه پهچائي سگهيا. جڏهن سڄي ڪاڇي جا رهواسي بي گهر ۽ بي زر بڻجي  ويا، تڏهن ڀوائتن ڀوتارن کي اها يادگيري آئي جو هنن صرف فوٽوسيشن لاءِ پنهنجون گاڏيون ڊوڙائڻ شروع ڪيون ۽ بيوسي منجهان جوهي تعلقي جي تقريبن 90 ديهن کي ٻوڏ متاثر قرار ڏيئي وري به پنهنجي ڪرپشن جا رستا کولي ڇڏيائون. غريبن ۽ ٻوڏ متاثرن جي نالي تي امدادي سرگرميون شروع ڪرائي ڀوائتا ڀوتار بلدياتي اليڪشن جي تياري پڻ ڪرڻ لڳا.

امدادي سامان مستحق ۽ غريبن کي ڏيڻ بجاءِ من پسند ماڻهن جي حوالي ٿيڻ لڳو، امدادي سامان جا ڪٽا هن فقير پنهنجي گنهنگار اکين سان جي ايل آءِ ڪارن ۾ لوڊ ٿيندي ڏٺا، ٻوڏ سبب ڪاڇي جي مختلف علائقن جا ڳوٺن جا روڊ پڻ تباهه وبرباد ٿي وڃڻ کانپوءِ اڄ ڏينهن تائين بحال نه ٿي سگهيا آهن. هن مهل ڪاڇي جي ٻوڏ ۾ ٻڏل مسڪين ماروئڙن کي اڌ مڻ جو امدادي ڪٽو ڏيئي سندن تصويرون انٽرنيٽ تي رکي تذليل ڪئي ٿي وڃي، هن وقت مصيبت جي ماريل ڪاڇي واسين کي مدد جي سخت ضرورت آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.