نئين گاج سبب تباهي جي ذميوار وفاقي سرڪار آهي: سهيل سيال

ڪراچي (رپورٽر) نئين گاج ۾ 2 کان اڍائي لک ڪيوسڪ تائين پاڻي جو وهڪرو 24 ڪلاڪ جاري رهڻ سبب ڪاڇي ۾ تباهي آئي، آبپاشي  واري وزير سهيل انور سيال ايف پي بند کي لڳل 7 گهارا اڄ بند ٿيڻ جي دعويٰ ڪندي گاج ڊئم کي گهاري جو ذميوار وفاقي حڪومت کي قرار ڏئي ڇڏيو، صوبائي وزير چيو آهي ته فاقي حڪومت طرفان گاج بند جي اڏاوت مڪمل نه ٿيڻ سبب ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن، ڪوهه سليمان کان آيل پاڻي جي وهڪري ڪاڇي ۾ تباهي مچائي، متاثر علائقن ۽ رليف ۽ ريسڪيو جو ڪم جاري آهي، پي ٽي آءِ ايم پي اي حليم عادل شيخ چيو آهي ته گاج بند وٽ 28 فُٽ پاڻي وهي آيو ته سنڌ حڪومت جو سينيئر عملدار چئي رهيو هو ته پريشاني جي ڳالهه نه آهي، پ پ حڪومت ڪاڇي ۾ تباهي باوجود ريسڪيو ۽ رليف آپريشن نه ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.