سون وڌيڪ هڪ هزار رپيا لهي ويو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ لاٿ جو سلسلو جاري آهي ۽ اڄ به سونارا مارڪيٽ ۾ سون هڪ هزار رپيا في تولو سستو ٿي ويو.

سنڌ سونارا بازار جيولرز ايسوسيئيشن موجب سون جي قدر ۾ 1000 رپيا في تولو گهٽتائي ٿي آهي، جنهن کانپوءِ ملڪ ۾ في تولي سون جي قيمت هڪ لک 19 هزار رپيا ٿي وئي آهي.

هوڏانهن عالمي سونارا مارڪيٽ ۾ به سون جو قدر 2 ڊالر گهٽ ٿي هڪ هزار 931 ڊالر في اونس ٿي ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.