ڪراچي: کنڀي گم ڪيلن جي بازيابي لاءِ بک هڙتال، گورنر هائوس ڏانهن مارچ

عوامي آواز رپورٽ
ڪراچي: کنڀي گم ڪيلن جي بازيابي لاءِ بک هڙتال، گورنر هائوس ڏانهن مارچ
عوامي آواز رپورٽڪراچي: کنڀي گم ڪيلن جي بازيابي لاءِ بک هڙتال، گورنر هائوس ڏانهن مارچ

سنڌ سجاڳي فورم ، وائس فار مسنگ پرسنز؛ سنڌ سڀا ۽ سول سوسائٽي پاران کنڀي گم ڪيلن جي آزادي لاء ڪراچي پريس ڪلب اڳيان رٿيل احتجاج ۾ سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ۽ سوين ماڻهن شرڪت ڪئي ،۽ سارنگ جويي، اصغر بروهي، عاقب چانڊيي، انصاف دائي، شاهد جوڻيجي، نسيم بلوچ ۽ ٻين سوين کنڀي گم ڪيل سياسي سماجي قوم پرست ڪارڪنن کي 14 آگسٽ تائين آزاد ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ،ان موقعي تي عوامي آواز ٽي وي سان ڳالهائيندي اڳواڻن سارنگ جويو سميت کنڀي گم ڪيلن جي بازيابي تي زور ڏنو

احتجاجي ڪارڪنن جو  قافلو  تاج جويي   محب آزاد، انعام عباسي، سورٺ لوهار، سهڻي جويي، ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ گورنر سنڌ کي ميمورنڊم پهچائڻ لاء گورنر هائوس طرف روانو ٿيو، ڪمشنر ڪراچي جي نمائندي کي ٻڌايو ويو ته 5 ڄڻن جو وفد گورنر سنڌ کي ميورينڊم پهچائڻ لاء ويندو پر پوليس ۽ رينجرز جي بڪتر بند گاڏين ۽ موبائلن سميت مارچ کي زوري روڪڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن بعد احتجاجي عوتن توڙي مردن جون اهلڪارن سان جهڙپون پڻ ٿيون  جنهن  5 روڪني وفد کي گورنر هائوس ڏانهن اجازت ۽ وفد گورنر جي غير موجودگي سبب  چيف پروٽوڪول آفيسر کي ميمورينڊم ڏنو ، ملاقات کان پوء احتجاجي قافلو نعري بازي ڪندي واپس احتجاجي ڪيمپ تي پهتو ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن انعام عباسي سان يڪجهتي طور ڪمپ تي رات رهڻ لاء ويٺا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.