ڄامشورو: جمالي برادري پاران بااثرن جي زيادتين خلاف احتجاج

ڄامشوري ۾ جمالي برادري پاران بااثر جي زيادتين خلاف احتجاج ڪيو ويو.

سومر خان جمالي، عابد جمالي، فقير باغ علي ۽ ٻين چيو ته نوابشاھه ڀرسان ٻانڌي ۾ وڏيرن ممتاز جمالي، وليد، مظفر ۽ فيروز جمالي 32 ايڪڙ زريعي زمين تي قبضو ڪيو آهي.

هنن چيو ته ٻاندي پوليس گهرن تي چڙهائي ڪري عورتن ۽ معصوم ٻارڙن تي سخت تشدد ڪيو.

جمالي برادري مطالبو ڪيو ته زمين تان قبضو ختم ڪرائي ساڻن انصاف ڪيو وڃي.

رپورٽ – صدر جوڻيجو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.