ڏهرڪي: بجلي جي شارٽ سرڪٽ سبب دڪان کي باهه، سامان سڙي رک

 

ڏهرڪي  ڀرسان ڏهر واتي روڊ تي بجلي جي شارٽ سرڪٽ سبب ٽينٽ جي دڪان کي  باهه وڪوڙي وئي. باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ دڪان ۾ پيل سمورو سامان سڙي رک ٿي ويو.

متاثر دڪاندار عرفان ڪوڀر ٻڌايو ته رات جو دوڪان بند ڪري هليا ويا هئا، صبح جو چئين وڳي فون ذريعي ٻڌايو ويو ته دڪان کي باهه لڳي آهي.متاثر وس وارن کان سهائتا جي اپيل ڪئي آهي.

رپورٽ- اسد لغاري

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.