پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس بي اثر ٿي ويو، فعال ڪيس 20 وڃي بچيا

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس جي صورتحال هر گذرندڙ ڏينهن سان بهتري ڏانهن پئي رهي آهي ۽ ملڪ ۾ 90 سيڪڙو مريض صحتياب ٿيڻ سان فعال ڪيسن جو انگ 20 هزار وڃي باقي بچيو آهي.

ملڪ ۾ ڪوروناو وائرس جي تصديقي ڪيسن جو انگ 2 لک 82 هزار 249 آهي جنهن مان 2 لک 56 هزار 58 صحتياب ٿيا آهن جڏهن ته 6 هزار 40 اجل جو شڪار بڻيا.

6 آگسٽ تائين ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي وبا وڌيڪ 322 ڄڻن کي متاثر ڪيو جڏهن ته 10 ڄڻن جون حياتيون کسي ورتيون، تنهن هوندي هڪ هزار 772 مريض صحتياب پڻ ٿيا.

سنڌ:

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ٻڌايو ته ڪورونا وائرس سبب گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 386 ڪيس رپورٽ ٿي چڪا آهن جنهن کان پوءِ صوبي ۾ متاثر جو گڏيل انگ 1 لک 22 هزار 759 ٿي ويو.

ان کان سواءِ هن ٻڌايو ته ڪورونا وائرس مان وڌيڪ 5 متاثر فوت ٿي ويا جنهن کان پوءِ صوبي ۾ فوت ٿيلن جو انگ 2 هزار 250 ٿي ويو.

پنجاب:

آبادي جي لحاظ سان سڀ کان وڏي صوبي پنجاب ۾ ڪورونا وائرس وڌيڪ 276 ڄڻن کي متاثر ڪيو ۽ 5 ڄڻن جون حياتيون کسيون.

سرڪاري انگن اکرن جي لاءِ قائم پورٽل موجب صوبي ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 276 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا ۽ ائين گڏيل ڪيسن جو انگ 93 هزار 847 ٿي ويو.

ان کان سواءِ 5 ڄڻا به 24 ڪلاڪن ۾ لاڏاڻو ڪري ويا جنهن سان گڏيل فوتين جو انگ 2 هزار 162 تائين وڃي پهتو.

اسلام آباد:

ڪورونا وبا اسلام آباد ۾ وڌيڪ 19 ڄڻن کي متاثر ڪيو.

 سرڪاري انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن ۾ سامهون آيل مريضن جو انگ 19 ٿي ويو، جنهن سان گڏيل ڪيس 15 هزار 141 تائين پهچي ويو.

گلگت بلتستان:

ملڪ ۾ گهٽ متاثر علائقن مان هڪ گلگت بلتستان ۾ وڌيڪ 16 ڄڻن ۾ ان وائرس جي سڃاڻپ ٿي.

انگن اکرن ڏانهن نظر ڊورائي ته خبر پئي گذريل 24 ڪلاڪن ۾ سامهون آيل انهن 16 مريضن کان پوءِ ڪيسن جو گڏيل انگ 2 هزار 234 تائين پهچي ويو.

آزاد ڪشمير:

آزاد ڪشمير جيڪو هن وقت تائين ان وائرس مان گهٽ متاثر ٿيو آهي اُتي نون ڪيسن ۾ 11 جي واڌ ٿي.

انگن اکرن موجب 16 نوان ڪيس سامهون اچڻ کان پوءِ اُتي هن وقت تائين گڏيل ڪيس 2 هزار 116 تائين پهچي ويا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.