اڳڙا: ڳوٺاڻن جو زمين تي قبضي خلاف احتجاج

اڳڙا ۾ ڳوٺاڻن پاران زمين تي قبضي خلاف احتجاج ڪيو ويو.

ڳوٺ ٽيپاڻي بهليم جي رهواسين شهابدين، طالب، ڪوڙل، لالو بهليم ۽ ٻين  احتجاج ڪندي چيو ته بااثر الابخش انڙ هٿياربند ماڻهو ويهاري سندن زمين تي قبضو  ڪري بيٺل فصل ڪٽرائي کڻي ويو آهي.

هنن چيو ته بااثر زمين جا ڪوڙا ڪاغذ ٺهرايا آهن جڏهن ته زمين اسان جي نالي تي آهي.

احتجاج ڪندڙن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته  بااثر خلاف ڪارروائي ڪري زمين تان قبضو ختم ڪرايو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايوويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.