حيدرآباد ۾ڪنري واسي جو زال سميت بااثر خلاف احتجاج

حيدرآباد (رپورٽر) ڪنري جي رهواسين رامچند ۽ سندس زال تيجان خاتون علائقي جي بااثر ماڻهن خلاف حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو. هنن الزام هڻندي چيو ته سندن ڳوٺ ۾ هڪ سرڪاري زمين آهي، جنهن تي اسان جا ابا، ڏاڏا پڻ رهندا هئا، تنهن تي علائقي جي بااثر ماڻهن قبضو ڪري سندن گهرن کي باهيون ڏئي ساڙي ڇڏيو آهي، جڏهن ته زمين تي اسان جو حق آهي پر هو بااثر آهن، تنهن ڪري سندن گهر ڊاهي پلاٽ تي قبضو ڪيو ويو آهي، ان معاملي جو ڪيس ڪورٽ ۾ به هلي رهيو آهي. هنن چيف جسٽس آف سنڌ هاءِ ڪورٽ سميت وس وارن کي اپيل ڪئي ته بااثر ماڻهن خلاف سخت ڪارروائي ڪري زمين تان قبضو ختم ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.