وڌندڙ مهانگائي ۽ تڪليفن کي منهن ڏيندڙ عوام

عتيق ملاح 

ملڪ ۾ هڪ طرف بيروزگاري آهي ته ٻئي طرف مهانگائي عروج تي پهتل آهي. تيل جون قيمتون هر مهيني وڌي رهيون آهن. دوائن کان ويندي انسان جي ضرورت جي سمورين شين جي اگهن ۾ روز جي بنياد تي اضافو ٿي رهيو آهي. جنهن جي نتيجي ۾ پيڙهيل طبقا جيڪي اڳ ئي جياپي جي جنگ ۾ وڏيون تڪليفون ڏسي رهيا هئا تن جي سورن ۽ تڪليفن ۾ اڃا وڌيڪ اضافو ٿي ويو آهي. وفاقي حڪومت جي معاشي پاليسين کي عام ماڻهو به عوام دشمن قرار ڏئي رهيو آهي.

ملڪ سميت سڄي سنڌ اندر مهانگائي جو جن بوتل مان نڪري عوام کي تڙپائي رهيو آهي. جڏهن ته منافعي خورن عيد جي ڏهاڙن ۾ اٽي، کنڊ، کير سان گڏ روز جي استعمال وارين شين جي اگهن ۾ رڪاڊ واڌ ڪري ڇڏي آهي. لکين روپيا پگهار کڻندڙ پرائس ڪنٽرول اٿارٽي جا عملدار توڙي ضلعن جي انتظاميا وڌيڪ اگهه وٺندڙن خلاف ڪنهن به قسم جي ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. واپاري ۽ منافعي خور پنهنجي مرضي جا اگهه مقرر ڪري شهرين کي ٻنهي هٿن سان ڦري رهيا آهن.

گذريل ٻن مهينن کان مسلسل زخيرو ڪندڙ ۽ منافعي خورن کي انتظاميا ڇوٽ ڏئي ڇڏي آهي. جنهن ڪري هر ڏينهن روز جي استعمال وارين شين جي اگهن ۾ واڌ ٿيڻ معمول بڻجي ويو آهي. ڪڻڪ جي اٽي ۾ هڪ ئي ڌڪ 16 روپيا في ڪلو تي واڌ ٿيڻ کان پوءِ کير جو اگهه 97 مان وڌائي 120 روپيا في ڪلو ڪيو ويو آهي، کنڊ جو سرڪاري ريٽ 76 روپيا آهي. پر کنڊ به 85 ۽ 90 روپين ۾ في ڪلو وڪرو ٿيڻ لڳي آهي. اهڙي طرح سبزين، فروٽ توڙي چانور، گيهه، دالين جي اگهن ۾ واڌ ڪئي وئي آهي.

منافعي خورن ۽ زخيرو ڪندڙ بيلغام ٿيڻ جي باوجود   وفاقي توڙي صوبائي حڪومتن ڪو به تحرڪ نه ورتو آهي. مهانگائي جو طوفان تيز ٿيڻ خلاف هاڻ شهري به احتجاج ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا آهن.

عوام جو چوڻ آهي ته ملڪ ۾ ڏينهون ڏينهن هر شئي مهانگي ٿيندي پئي وڃي، جنهن سبب غريب ماڻهن جو جيئڻ جنجال بڻجي ويو آهي، غريب ماڻهو خودڪشيون ڪري رهيا آهن، جڏهن ته بجلي، گئس، اٽو، کنڊ سميت کاڌي پيتي واريون شيون مهانگيون ٿينديون پيون وڃن، پر ان مهانگائي کي روڪڻ لاءِ حڪومت جو ڪو به ڪردار سامهون نه آيو آهي، هٿ وٺي ملڪ جي غريب عوام کي مهانگائي جي دٻڻ ۾ ڦاسايو پيو وڃي، جنهن سبب عوام سخت پريشان آهي ۽ مهانگائي ايتري ته وڌي وئي آهي جو ٻچن کي ٻن ويلن جي ماني به نٿا کارائي سگهون.

عوام جو اهو پڻ الزام آهي ته ضلعن جي انتظاميا جي ملي ڀڳت سان واپارين ۽ دڪاندارن شيون زخيرون ڪري لڪائڻ کان پوءِ هاڻ پاڻ ئي اگهه وڌائي ڇڏيا آهن. اڪثر چڪي ۽ فلور مافيا مالڪن پاڻ سستي اگهه تي مارڪيٽ مان ڪڻڪ خريد ڪري زخيرو ڪرڻ بعد ڪڻڪ جي کوٽ جو ڊرامو ڪري اٽي جا اگهه وڌايا آهن، اهڙي طرح کنڊ، گيهه ۽ ٻين شين جي اگهن ۾ به هٿرادو واڌ ڪري شهرين کي پريشان ڪيو ويو آهي. شهرين جو چوڻ آهي ته هڪ طرف ملڪ ۾ ڪورونا وبا سبب چر پر تي پابندي هئي ته پوءِ اوچتو ڪٿا شيون مهانگيون آيون جو واپارين اگهه وڌائي ڇڏيا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.