سجاول جوڻيجو ڀرسان پوليس جي ڳوٺ تي چڙهائي، ڦرلٽ، پيرسن گرفتار

سجاول جوڻيجو (رپورٽ: عبدالغفار ڀٽو) سجاول جوڻيجو لڳ ڳوٺ عرض محمد جلباڻي تي وارث ڏنو ماڇي ٿاڻي جي پوليس ايس ايڇ او   ڊي ايس پي رتوديرو  جي اڳواڻي ۾ لاڙڪاڻي ضلعي جي مختلف ٿاڻن جي 8 پوليس موبائلن ڳوٺ عرض محمد جلباڻي تي چڙھائي ڪئي پوليس کي ايندو ڏسي ڳوٺاڻا گھر ڇڏي ھليا ويا، بعد ۾ پوليس ھڪ پيرسن پانڌي خان جلباڻي کي گرفتار ڪرڻ بعد ولي محمد جلباڻي جي گھر مان 3 مينھون ڪاھڻ بعد موٽر سائيڪل سولر جو پکو ۽ ٻيو سامان پڻ پاڻ سان گڏ کڻي وئي، ان حوالي سان   ڳوٺاڻن احتجاج ڪندي  علي شير جلباڻي ولي محمد علي گل جلباڻي ۽ ٻين دانھيندي چيو تـ زمين جي تڪرار تان وڏيرو   اسان جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي، ڊي ايس پي رتودير  ۽ وارث ڏنو ماڇي ٿاڻي جي پوليس بااثر کان لکين روپيا رشوت وٺڻ اسان ڳوٺاڻن مٿان ڊيوٽي اٽڪاء زمين تي قبضي سميت ٻيا 3 ڪيس داخل ڪري چڪي آھي، جڏھن تـ اسان جي ڳوٺ مٿان پوليس اٽالن 6 دفعا چڙھايون ڪري گھرن مان ڦرلٽ سامان کڻڻ مال ڪاهي زيادتي ڪئي وئي آهي، ڪير دانهن ٻڌڻ  وارو ناهي، هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو پوليس جي زيادتين جو نوٽيس وٺي گرفتار ڳوٺاڻو آزاد ڪري ڦريل سامان واپس ڪرايو وڃي، ٻي طرف  ڊي ايس پي رتوديرو نذير حسين لاشاري سان رابطو ڪيو ويو جـنھن ڳوٺ عرض محمد جلباڻي تي ڪيل چڙھائي بابت پڇيل سوال جو جواب ڏيڻ بجاء فون بند ڪري ڇڏي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.